Share this link via
Personality Websites!
فرمايو ويو:
یَتَّبِعُهُمُ الْغَاوٗنَؕ(۲۲۴)
يعني اهڙن بي علم شاعرن جي پيروي ڪرڻ، سندن شعر ٻڌڻ، ياد ڪرڻ ۽ ٻين کي ٻڌائڻ سڀ گمراهي آهي.[1]
اهڙن شاعرن جو انجام ڇا آهي الله پاڪ فرمايو:
وَ سَیَعْلَمُ الَّذِیْنَ ظَلَمُوْۤا اَیَّ مُنْقَلَبٍ یَّنْقَلِبُوْنَ۠(۲۲۷) (سيپارو: 19، سورة شعراء: 227)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ عنقريب ظالم ڄاڻيندا ته ڪهڙي پاسي تي ڦيرو کائيندا.
يعني قيامت جي ڏينهن جڏهن انهن کي جهنم ۾ وڌو ويندو ته ڏسي وٺندا ته جهنم جي ڪهڙي پاسي ڦيرا کائي رهيا آهن.[2]
بي حيائيءَ وارا شعر ياد ڪرڻ ڪيئن آهي ....؟
پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته بي حيائيءَ وارا، عِشقيه فِسقيه شعر چوڻ به غلط آهي ۽ انهن کي ٻڌڻ، ٻڌائڻ ۽ ياد ڪرڻ به غلط آهي حديث پاڪ ۾ آهي: پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: ”جيڪڏهن توهان مان ڪنهن شخص جو پيٽ گَند سان ڀرجي وڃي ته اِهو ان کان بهتر آهي ته سندس پيٽ شعرن سان ڀريل هجي“.[3]
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami