Share this link via
Personality Websites!
هوندا آهن، کين ديني معلومات ته تمام گهٽ پر نه هئڻ جي برابر هوندي آهي، پر ان جي باوجود هُو حمديه شعر ۽ نعتون لکندا آهن ۽ اهڙيون اهڙيون غلطيون ڪري ويندا آهن جو اَلْاَمَان وَالْحَفِیْظ...!! پر عام دنيوي شعر جيڪي لکندا آهن انهن ۾ به ڪافي غلطيون ڪندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته هُو ڪفريه جملا به لکي ڇڏيندا آهن ۽ کين خبر به نه پوندي آهي. مٿان وري شرعي تفتيش ...!! ان جو ته اسان جي معاشري ۾ رواج ئي ناهي. ذهن ۾ پري پري تائين اهو خيال به نه هوندو آهي هِي به ڪو ڪرڻ جو ڪم آهي، بس جيڪو سندن ذهن ۾ ايندو آهي لکندا ويندا آهن.
الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
وَ الشُّعَرَآءُ یَتَّبِعُهُمُ الْغَاوٗنَؕ(۲۲۴) اَلَمْ تَرَ اَنَّهُمْ فِیْ كُلِّ وَادٍ یَّهِیْمُوْنَۙ(۲۲۵) وَ اَنَّهُمْ یَقُوْلُوْنَ مَا لَا یَفْعَلُوْنَۙ(۲۲۶)
(پارو: 19، سورة شعراء: 224-226)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ شاعرن جي پيروي ته گمراهه ماڻهو ڪندا آهن. ڇا تو نه ڏٺو ته شاعر هر واديءَ ۾ ڀٽڪندا ڦرندا آهن ۽ هي ته اهي اهڙي ڳالهه چوندا آهن جيڪي ڪندا ناهن.
يعني شاعرن (Poets) جي عادت هوندي آهي ته * ڪوڙا ۽ باطل شعر لکندا آهن * بي حيائي ۽ فحاشيءَ جون ڳالهيون ڪندا آهن * ڪڏهن فخر ۽ تڪبر ۾ اچي پنهنجي ئي تعريف ڪرڻ لڳندا آهن * ڪڏهن ٻين جي مذمت ڪرڻ ۾ لڳي ويندا آهن * تعريف ڪرڻ تي اچن ته زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏين * برائي ڪرڻ تي اچن ته وڏن وڏن ماڻهن کي به گهٽ ڪري ڇڏين.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami