Share this link via
Personality Websites!
* اَلْحَمدُ للہ! دعوتِ اسلامي وارا عاشقانِ رسول نمازِ فجر کان پوءِ تفسير ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جو حلقو لڳائيندا آهن * هن ۾ ٽي قرآني آيتون * انهن جو ترجمو ۽ تفسير ٻڌو ۽ ٻڌايو ويندو آهي * فيضانِ سنت مان درس ٿيندو آهي * شجرو شريف پڙهيو ويندو آهي * دعا ٿيندي آهي ۽ * آخر ۾ اشراق ۽ چاشت جا نفل به ادا ڪيا ويندا آهن.
* توهان به تفسير ٻڌڻ ٻڌائڻ جي حلقي ۾ شرڪت ڪرڻ جي عادت بڻايو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻيون برڪتون حاصل ٿينديون * حديث پاڪ جي مطابق جيڪو صبح جو مسجد ۾ نيڪي سکڻ جي لاءِ ويندو آهي ان کي عمري جو ثواب ملندو آهي. ([1]) * صبح جو وقت نيڪين ۾ گذرندو ته برڪت نصيب ٿيندي * سڄو ڏينهن سٺو گذرندو * صبح صبح علمِ دين سکڻ جو موقعو ملندو * شجري شريف جي صورت ۾ نيڪ ٻانهن جو ذڪر ٿيندو * انهن جي محبت دل ۾ پيدا ٿيندي * اولياءِ ڪرام جي روحاني توجہه حاصل ٿيندي * ايمان تازو ٿيندو * سندن وسيلي سان گهُريون وڃڻ واريون دعائون
اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! قبول ٿينديون * هڪ وڏي برڪت هي آهي ته فجر جي نماز کان وٺي اشراق جي نماز تائين مسجد ۾ ويهڻ سنتِ مصطفيٰ آهي، ان تي عمل ڪرڻ جي سعادت ملي ويندي * حديث پاڪ مطابق جيڪو فجر کان پوءِ ذِڪرُ الله ۾ مشغول رهي، پوءِ اشراق ۽ چاشت جا نفل پڙهي، ان کي جهنم جي باهه نه ڇهندي. ([2])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami