Share this link via
Personality Websites!
محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَكَاتُهُمُ الْعَالِيَه جو هڪ تمام پيارو رسالو آهي ڪراماتِ فاروقِ اعظم. هي رسالو مڪتبة المدينه تان حاصل ڪريو يا دعوتِ اسلامي جي ويب سائيٽ www.dawateislami.net تان ڊائون لوڊ ڪريو! هي رسالو گهرن ۾ پڙهي ٻڌايو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! بيشمار برڪتون حاصل ٿينديون.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: تفسير ٻڌڻ ٻڌائڻ جو حلقو
پيارا اسلامي ڀائرو! دل ۾ عشقِ رسول وڌائڻ، سنتن تي عمل ڪرڻ، نيڪ نمازي بڻجڻ، صحابه ۽ اهلِ بيت جي محبت حاصل ڪرڻ ۽ انهن جي نقشِ قدم تي هلڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو.
ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن ۾ به ڀرپور حصو وٺو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون بيشمار برڪتون نصيب ٿينديون. ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم تفسير ٻڌڻ ٻڌائڻ جو حلقو به آهي * قرآن مجيد سکڻ تمام فضيلت وارو ڪم آهي: * حديثن ۾ هن قسم جو مضمون آهي ته صبح اهڙي حالت ۾ ڪريو جو يا ته توهان عالمِ دين هجو يا طالبِ علمِ دين.([1]) * هڪ روايت موجب صبح جي وقت قرآن پاڪ جي هڪ آيت سکڻ، 100 نفل پڙهڻ کان بهتر آهي.([2])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami