Share this link via
Personality Websites!
طرفان پهچائي ڇڏيو، جيتوڻيڪ هڪ آيت ئي ڇو نه هجي.[1]
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان ٿورو غور ڪريون ته اسان دين جون جيتريون ڳالهيون ڄاڻون ٿا ڇا اهي ٻين تائين پهچايون ٿا؟ * ڪير نه ٿو ڄاڻي ته پنج نمازون فرض آهن؟ ڇا اسان ٻين کي نماز جي دعوت ڏيندا آهيون؟ * ڪنهن کي خبر نه آهي ته رمضان جا روزا فرض آهن؟ ڇا اسان روزا رکڻ جي دعوت ڏيندا آهيون؟ * ڪير نه ٿو ڄاڻي ته قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ نيڪيءَ جو ڪم آهي؟ ڇا اسان تلاوتِ قرآن جي دعوت ڏيندا آهيون؟ * ڪير نه ٿو ڄاڻي ته وياج جي ڏيتي ليتي ڪرڻ، گانا ٻڌڻ، فلمون ۽ ڊراما ڏسڻ، بي پردگي وغيره گناهه جا ڪم آهن؟ ڇا اسان ماڻهن کي انهن کان روڪيندا آهيون؟ افسوس! اسان مان اڪثريت اهڙن ماڻهن جي آهي جيڪي اهي ڪم نه ڪندا آهن (يعني ڪيتريون ئي ڳالهيون ڄاڻڻ جي باوجود به اسان نيڪيءَ جي دعوت عام ڪرڻ کان محروم رهندا آهيون) اسان جيترو دين ڄاڻيندا آهيون، اوترو ٻين تائين پهچائيندا نه آهيون ۽ نه ئي وڌيڪ علمِ دين سکڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون.
حديثِ پاڪ ۾ آهي ته: ڪنهن حضورِ انور، مڪي مديني جي تاجور صَلَّی اللهُ عَلَيهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم کان پڇيو: بهترين شخص ڪير آهي؟ فرمايائون: الله پاڪ کان ڊڄڻ وارو، صلهءِ رحمي (يعني رشتيدارن سان سٺو سلوڪ) ڪرڻ وارو، سٺيون ڳالهيون ٻڌائڻ وارو ۽ برائيءَ کان روڪڻ وارو.[2]
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami