Share this link via
Personality Websites!
آهي، پاڻ ان نوجوان کي واپس گهرايائون ۽ کيس پيار سان سمجهاڻي ڏيندي فرمايائون: یَا اِبْنَ اَخِی! اِرْفَعْ ثَوْبَکَ فَاِنَّہٗ اَنْقٰی لَثَوْبِکَ وَ اَتْقٰی لِرَبِّکَ اي ڀائٽيا! پنهنجو ڪپڙو مٿي ڪر (يعني ڀيڏين کان مٿي رک)، ائين تنهنجا ڪپڙا صاف رهندا ۽ تنهنجي رب وٽ تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ جو سبب بڻجندا.[1]
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! توهان فاروقِ اعظم رَضِيَ اللهُ عَنه جو جذبو ڏسو! زخمي آهن، شديد تڪليف ۾ آهن، موت جي بستري تي آهن، ان جي باوجود نيڪيءَ جي دعوت عام فرمائي رهيا آهن.
الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
كُنْتُمْ خَیْرَ اُمَّةٍ اُخْرِجَتْ لِلنَّاسِ تَاْمُرُوْنَ بِالْمَعْرُوْفِ وَ تَنْهَوْنَ عَنِ الْمُنْكَرِ (پارو: 4، سورة آل عمران: 110)
ترجمو ڪنزالعرفان: (اي مسلمانو!) توهان ڀلي امت آهيو جيڪا ماڻهن (جي هدايت) جي لاءِ ظاهر ڪئي وئي، توهان ڀلائي جو حڪم ڏيندا آهيو ۽ برائي کان منع ڪندا آهيو
مشهور مفسرِ قرآن، حڪيم الامت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحمَةُ اللهِ عَلَيه فرمائن ٿا: سڀ مسلمان مبلغ آهن، سڀني تي فرض آهي ته ماڻهن کي نيڪ ڳالهين جو حڪم ڏين ۽ برين ڳالهين کان منع ڪن[2] اسان جي پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّی اللهُ عَلَيهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: بَلِّغُوْا عَنِّیْ وَلَوْ اٰیَۃً يعني منهنجي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami