Share this link via
Personality Websites!
اَلحمدُ للہ! هي سندن مبارڪ نالي مبارڪ جو تاثير (Effect) آهي پر افسوس! اسان فاروقِ اعظم رَضِيَ اللهُ عَنه جا ديوانا * شادي جي فنڪشن ۾ موجود هوندا آهيون، پر اتي گانا باجا بند نه ٿيندا آهن * اسان جي موجودگيءَ ۾ غيبتون ٿي رهيون هونديون آهن ۽ اسان کي ڪا پرواهه نه هوندي آهي * اسان جي هوندي گهر وارا نمازون نه پڙهندا آهن ۽ اسان کي ڳڻتي نه ٿيندي آهي * اسان جي هوندي گناهه ٿي رهيا هوندا آهن ۽ اسان کي ان جو فڪر نه هوندو آهي.
الله پاڪ اسان کي توفيق عطا فرمائي. اسان کي نيڪي جي دعوت ڏيڻ گهرجي، محبت سان، نرمي سان، حڪمتِ عملي سان. سختي ڪنهن سان نه ڪرڻي آهي، رڙيون دانهون ڪنهن سان نه ڪرڻيون آهن، جيسيتائين شريعت اجازت نه ڏئي ڪنهن سان ڳالهه ٻولهه بند نه ڪرڻي آهي. بس هر هڪ کي پيار ۽ محبت سان نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻي آهي، جيڪڏهن اسان هر وقت، هر هنڌ ۽ هر ڪنهن کي نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ وارا بڻجي وينداسين ته آهستي آهستي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجو پاڻ اسان جو سٺو اميج قائم ٿي ويندو.
فاروقِ اعظم نيڪيءَ جي دعوت ڏني
روايت آهي ته جڏهن حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِيَ اللهُ عَنه تي قاتلاڻو حملو ٿيو ۽ پاڻ سخت زخمي حالت ۾ هئا، ته ان وقت ماڻهو سندن عيادت لاءِ اچي رهيا هئا. هڪ نوجوان به حاضر ٿيو، ان عيادت ڪئي جڏهن هُو واپس وڃڻ لڳو ته پاڻ ڏٺائون ته سندس شلوار ڀيڏين کان هيٺ زمين سان گِهلجي رهي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami