Share this link via
Personality Websites!
شيطان مُنهُن لِڪائي ڀڄي ويندو آهي
حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِيَ اللهُ عَنه جي شخصيت جو اثر ڏسو! ڪيڏو پيارو هو انسان ته انسان رهيا، سندن خاندان وارا ته خير هئا ئي تقويٰ ۽ پرهيزگاري وارا، پر بدبخت شيطان جيڪو پاڻ براين جي کاڻ آهي ان تي به سندن اهڙو رعب هو جو کين ڏسي هُو به پنهنجو رستو مَٽائي ويندو هو. حديثِ پاڪ ۾ آهي، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللهُ عَلَيهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: وَالَّذِي نَفْسِي بِيَدِهٖ، مَا لَقِيَكَ الشَّيْطَانُ سَالِكًا فَجًّا اِلَّا سَلَكَ فَجًّا غَيْرَ فَجِّكَ يعني ان ذات جو قسم جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي! اي عمر، شيطان توکي ڪنهن رستي ۾ ڏسي وٺي ته پنهنجو رستو بدلائي ٻي رستي کان هليو ويندو آهي[1].
هڪ ٻي حديث پاڪ ۾ فرمايائون: بيشڪ مون شيطان جنن ۽ شيطان (شيطان جهڙي صفت وارن) انسانن کي عمر کان ڀڄندي ڏٺو آهي.
سُبْحٰنَ اللہ! هي تاثير آهي حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِيَ اللهُ عَنه جو، جو جتي پاڻ هجن، اتي شيطان نه ايندو آهي. پر حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِيَ اللهُ عَنه جي پاڪ نالي ۾ به اهڙو تاثير آهي جو سندن نالو ٻڌي شيطان ڀڄي ويندو آهي، علماءِ ڪرام لکن ٿا ته جنهن شخص کي شيطان خواب ۾ اچي تنگ ڪندو هجي يعني شيطان جي شرارت سبب بار بار ننڊ ۾ مٿس غسل فرض ٿي ويندو هجي ته اُهو رات جو سمهڻ وقت آڱر سان پنهنجي سيني تي عمر لکي ڇڏي، شيطان جي جرئت نه ٿيندي ته کيس خواب ۾ اچي به پريشان ڪري سگهي.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami