Share this link via
Personality Websites!
اهڙي شان وارا فاروق ته نه ٿا بڻجي سگهون، پر حق ۽ باطل ۾ فرق ڪرڻ جي خوبي اسان جي اندر به هجڻ گهرجي.
اِهو ضروري آهي ته اسان حق تي ايترا ته مضبوط هجون جو جتي به قدم رکون، اتي حق جو غلبو ٿي وڃي. توهان اهڙا ماڻهو ڏٺا هوندا جن کي ڏسي * ماڻهو گانا بند ڪري ڇڏيندا آهن * پري کان ڏسندا آهن ته فلاڻو صاحب اچي رهيو آهي ته فلم وغيره هلندي هوندي آهي ته بند ڪري ڇڏيندا آهن * اسان جي خاندانن (Families) ۾ به اهڙا ماڻهو هوندا آهن، شادي، وِهانءُ يا ڪو ٻيو فنڪشن وغيره هجي ته الله معاف فرمائي ماحول اهڙو هوندو آهي جو عورتون بي پردگي ڪنديون آهن اهڙي ماحول ۾ ڪجهه ماڻهو اهڙا هوندا آهن جن جي کي ڏسي عورتون پردو ڪرڻ لڳنديون آهن.
تنهنڪري اسان جو اهڙو اميج (Image) هئڻ گهرجي، پنهنجي گهر ۾، پنهنجي خاندان ۾، اوڙي پاڙي ۾، يارن دوستن ۾ ۽ پاڻ سان گڏ اٿڻ ويهڻ وارن ۾ اسان جي شخصيت جو هي معيار هئڻ گهرجي ته * هي گانا پسند نه ڪندو آهي * هي فلمون نه ڏسندو آهي * هي گِلا غيبت نه ٻڌندو آهي * هي چغلي نه ٻڌندو آهي * هن جي سامهون ڪنهن جي برائي نه ٿي ڪري سگهجي * جيڪڏهن فلاڻي کي گهر ۾ گهرائڻو آهي ته گانا باجا بند ڪرڻا پوندا * اسان جي گهر جو ماحول اهڙو هئڻ گهرجي جو جيڪڏهن ڪو مهمان اچي ته کيس معلوم هئڻ گهرجي ته هن گهر ۾ اچي نمازون پڙهڻيون پونديون * هتي مان موبائل جو غلط استعمال نه ٿو ڪري سگهان.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami