Share this link via
Personality Websites!
حضرت نَزَّال بن سَبره رَضِيَ اللهُ عَنه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن اسان مسلمانن جي چوٿين خليفي حضرت علي المرتضيٰ رَضِيَ اللهُ عَنه کي عرض ڪيو ته اسان کي حضرت عمر بن خطاب رَضِيَ اللهُ عَنه جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو، ته فرمايائون: مسلمانن جا ٻيو نمبر خليفا حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِيَ اللهُ عَنه اها شخصيت آهن جن کي الله پاڪ فاروق جو لقب عطا فرمايو، ڇاڪاڻ ته پاڻ حق کي باطل کان جدا ڪري ڏيکاريائون.[1]
حضرت عبدالله بن عباس رَضِيَ اللهُ عَنه کان روايت آهي ته خَاتَمُ الْمُرْسَلِیْن، رَحْمَۃٌ لِّلْعٰلَمِیْن صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: مان مسجد ۾ ويٺو حضرت جبرائيل اَمين سان گفتگو ڪري رهيو هيس ته اوچتو حضرت عمر بن خطاب رَضِيَ اللهُ عَنه اچي ويا. جبرائيل امين عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم! ڇا هي عمر ته نه آهن؟ مون فرمايو: جي ها، پوءِ مون پڇيو: اي جبرائيل ڇا زمين وانگر آسمانن ۾ به سندن ڪو خاص نالو آهي؟ جبرائيل وراڻيو:
اِنَّ اِسْمَہُ فِی السَّمَاءِ اَشْھَرُ مِنْ اِسْمِہٖ فِی الْاَرْضِ اِسْمُہُ فِی السَّمَاءِ فَارُوْقٌ وَ فِی الْاَرْضِ عُمَرُ
يعني: يا رسول االله صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم! آسمانن ۾ جيڪو سندن نالو آهي اُهو زمين جي نسبت وڌيڪ مشهور آهي. زمين تي انهن جو نالو عمر آهي ۽ آسمانن ۾ سندن نالو فاروق آهي.[2]
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami