Share this link via
Personality Websites!
وضاحت: يعني اي دل ...!! عشقِ رسول ۾ هلڪو هلڪو پڄرين ڇو ٿي؟ هي دُونهِين ڇو دُکائي اٿئي، عِشقِ رسول جو اهڙو مَچُ مَچاءِ جو سڀني کي خبر پوي ته هي عاشقِ رسول آهي.
الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
وَ تَكْتُمُوْنَ الْحَقَّ وَ اَنْتُمْ تَعْلَمُوْنَ۠(۷۱) (پارو: 3، سورة آل عمران: 71)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ حق ڇو لڪايو ٿا حالانڪه توهان ڄاڻو ٿا.
معلوم ٿيو ته حق کي لڪائڻ نه گهرجي * اوهان عاشقِ رسول آهيو * اوهان مولوي آهيو * اوهان ديندار آهيو * اوهان مذهبي ذهن رکڻ وارا آهيو * اوهان عاشقانِ رسول سان محبت رکڻ وارا آهيو ته ان کي نه لڪايو، پنهنجي عمل سان، پنهنجي گفتگو جي ذريعي، پنهنجي ڪردار سان ۽ ظاهري حليي مان ان جو اظهار ڪريو اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جون برڪتون پاڻ ئي ڏسندؤ.
حضرت عبدالله بن عباس رَضِيَ اللهُ عَنۡهُمَا فرمائن ٿا: مون حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِيَ اللهُ عَنه کان پڇيو: توهان کي فاروق ڇو چيو ويندو آهي؟ پاڻ فرمايائون: حضرت امير حمزه رَضِيَ اللهُ عَنه مون کان 3 ڏينهن اڳ اسلام قبول ڪيو، پوءِ الله پاڪ منهنجو سينو اسلام لاءِ کولي ڇڏيو ۽ مان ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويس، ان وقت مسلمانن ايترو ته زور سان نعرهءِ تڪبير بلند ڪيو جو ان جو آواز ڪعبة الله شريف ۾ ٻڌو ويو. مون عرض ڪيو يارسول الله صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami