Share this link via
Personality Websites!
بند ڪري ڇڏيائين.[1] اهڙي طرح پاڻ هڪ هڪ جي دروازي تي ويندا رهيا پر سندن جيڪو مقصد هو ته پوري مڪي ۾ منهنجي ايمان آڻڻ جي خبر پکيڙجي وڃي سو کين حاصل نه ٿي سگهيو. پوءِ پاڻ سوچيائون ته اسلام جو سڀ کان وڏو دشمن ابوجهل آهي، ان ڏانهن وڃان ٿو، پوءِ پاڻ ابوجهل وٽ ويا، ان کي به ٻڌايائون پر هو به بزدل نڪتو هن به خاموشي سان دروازو بند ڪري ڇڏيو.
حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِيَ اللهُ عَنه جو مڪي ۾ هڪ رعب هو، تنهنڪري ڪو به کين تڪليف ڏيڻ لاءِ همت نه ڪري رهيو هو، سڀئي کانئن ڊڄي رهيا هئا، کين سمجهه ۾ نه پئي آيو ته آخر مان مڪي ۾ پنهنجي اسلام قبول ڪرڻ جو اعلان ڪيان ته ڪيئن ڪيان؟ نيٺ انهن کي هڪ ترڪيب سمجهه ۾ آئي پاڻ ماڻهن کان پڇيائون ته: مَنْ اَنَمُّ النَّاسِ مڪي ۾ سڀني کان وڏو چغل خور ڪير آهي؟ کين ٻڌايو ويو ته فلاڻو سڀني کان وڌيڪ چغل خور آهي. پاڻ ان وٽ ويا ۽ کيس چيائون: خبر اٿئي ته مان مسلمان ٿي چڪو آهيان ..... پر ڏِسُ! ڪنهن سان ڳالهه نه ڪجانءِ ....!! [2]
يعني پاڻ هڪ حربو استعمال ڪيائون، اهو شخص ته هو ئي چغل خور هن کي ڄاڻي واڻي چيائون ته ڪنهن سان ڳالهه نه ڪجانءِ ته جيئن هُو جلدي جلدي ان خبر کي ڦهلائي ڇڏي، اڃان پاڻ اتي ئي ويٺا هئا ته اهو شخص مسجدِ حرام ڏانهن روانو ٿي ويو، پاڻ سمجهي ويا ته تير نشاني تي لڳي چڪو آهي، پاڻ به ان جي پويان پويان هلڻ لڳا، هو جڏهن مسجدِ حرام ۾ پهتو ته اتي ڪيترائي ڪافر ۽ سندن وڏا وڏا سردار موجود هئا ان وڏي آواز سان اعلان ڪندي چيو:
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami