Share this link via
Personality Websites!
ان ذات جو قسم جنهن توهان کي حق بڻائي موڪليو آهي، جيئن اڳ ۾ مان شِرڪ سَرِ عام ڪندو هئس، هاڻي حق جو اعلان به سَرِ عام ڪندس. [1]
پيارا اسلامي ڀائرو! هن موقعي تي هڪ تمام دلچسپ واقعو پيش آيو. حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِيَ اللهُ عَنه ڪلمو ته دارِ ارقم (Dar Arqam) ۾ پڙهيو هو ۽ مڪي ۾ ڪنهن کي به خبر نه هئي ته پاڻ مسلمان ٿي چڪا آهن. اها ڳالهه کين برداشت نه ٿي. پاڻ حق تي هئا ۽ سڀني کي ٻڌائڻ پئي چاهيائون، ان ڪري سوچي رهيا هئا ته اهڙو ڪهڙو طريقو اختيار ڪجي جو سڀني کي خبر پئجي وڃي ته مان مسلمان ٿي چڪو آهيان.
ان جي لاءِ پاڻ جيڪو طريقو اختيار فرمايائون، ان سلسلي ۾ مان ڪجهه روايتن کي گڏ ڪري عرض ڪري رهيو آهيان ته پاڻ هڪ غير مسلم جي گهر ويا، سندس دروازو کڙڪايائون اهو شخص ٻاهر آيو ته پاڻ ان کي چيائون: ڇا توکي خبر آهي ته مان مسلمان ٿي چڪو آهيان؟ ان شخص حيرت وچان چيو: چا واقعي؟ پاڻ فرمايائون: ها، واقعي جنهن تي هن وراڻيو: عمر! ائين نه ڪر! ائين چئي هن دروازو بند ڪري ڇڏيو.
هاڻي پريشان ٿي ويا ته هي ڇا هُن ته ڪجهه چيو ئي ڪونه ڪنهن سان ڳالهه ئي نه ڪيائين پوءِ پاڻ قريش جي هڪ ٻئي وڏي سردار جي گهر ويا دروازو کڙڪايائون اهو سردار ٻاهر نڪتو، هن کي ٻڌايائون مان مسلمان ٿي چڪو آهيان، هن به کين اسلام آڻڻ کان منع ڪيو ۽ خاموشيءَ سان دروازو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami