Share this link via
Personality Websites!
ثواب پڻ حاصل ٿيندو آهي. روايتن ۾ فرمايل آهي: جيڪو نيڪيءَ جي ڪمن جي دعوت ڏئي، ان لاءِ هر هڪ ڪلمي جي بدلي هڪ سال جي عبادت جو ثواب لکيو ويندو آهي[1]. نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ هڪ صدقو آهي.[2] * فجر لاءِ جاڳائڻ جي برڪت سان چهل قدمي ٿي ويندي آهي ۽ باقاعدگيءَ سان پيادل هلڻ جي برڪت سان صحت به سٺي رهي ٿي* ذهني دٻاءُ تي ڪنٽرول ٿئي ٿو. * ساهه چڙهڻ جي بيماريءَ کان نجات ملي ٿي. * وزن ۾ اعتدال رهندو آهي. * بلڊ پريشر متوازن رهندو. * هاضمو درست ٿيندو آهي.
فجر جي لاءِ جاڳائڻ جي عادت بڻائڻ جا طريقا
* نماز ۽ نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ ۽ فجر لاءِ (ٻين کي) جاڳائڻ جي فضيلتن ۽ فائدن کي هميشه پيشِ نظر رکو. * صبح جو سوير اُٿو! سوير اٿڻ جي پختي عادت بڻايو. * سويرا اٿڻ لاءِ الارم (Alarm) لڳايو. * رات جو جلدي سمهڻ جو اهتمام ڪريو ته جيئن صبح جو اٿڻ ۾ آساني ٿئي. * جيڪي اسلامي ڀائر فجر لاءِ جاڳائيندا آهن، انهن کان (پاڻ کي جاڳائڻ لاءِ) گذارش ڪريو.
پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان نيڪ عمل نمبر: 21 مطابق فجر جي لاءِ جاڳائڻ جي موضوع تي تمام مفيد معلومات حاصل ڪئي! نيت ڪريو! پاڻ به نماز جي پابندي ڪنداسين ۽ ٻين کي به فجر جي لاءِ جاڳائينداسين. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!
الله پاڪ عمل جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
سکڻ سيکارڻ جي حلقن ۾ ياد ڪرائڻ واري دعا
ننڊ مان بيدار ٿيڻ کان بعد جي دعا
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami