Share this link via
Personality Websites!
(1): مختلف موضوعن تي مختصر بيان: 5 منٽ (2): دُعا ياد ڪرڻ: 5 منٽ (3): فڪرِ مدينه: 5 منٽ ڪُل وقت: 15 منٽ
اڄ جي سکڻ ۽ سيکارڻ وارن حلقن ۾ 72 نيڪ اعمال مان هڪ عمل فجر جي لاءِ جاڳائڻ جي باري ۾ مفيد معلومات فراهم ڪئي ويندي ۽ ننڊ مان بيدار ٿيڻ کان بعد جي دعا ياد ڪرائي ويندي. آخر ۾ نيڪ اعمال جي رسالي مان اجتماعي جائزو پڻ ورتو ويندو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم!
فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: مون تي ڪثرت سان درود پاڪ پڙهو بيشڪ توهان جو مون تي درود پاڪ پڙهڻ توهان جي گناهن جي لاءِ بخشش آهي. ([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جي فضل سان اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَہ اسلامي ڀائرن، اسلامي ڀينرن ۽ شاگردن وغيره لاءِ سوالن جي صورت ۾ نيڪ اعمالن جا مختلف رسالا ترتيب ڏنا آهن، ته جيئن انهن سوالن جي ذريعي پنهنجو جائزو وٺي گناهن کان بچڻ سان گڏوگڏ وڌ کان وڌ نيڪيون ڪمائي سگهن. اڄ اسان 72 نيڪ اعمال جي رسالي مان نيڪ عمل نمبر 21 جي باري ۾ ٻڌنداسين.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami