Share this link via
Personality Websites!
عَـنْهُ جي تدفين ڪئي وئي. قبرستان کان موٽي انهن صحابهءِ ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ قسم کڻي ماڻهن کي چيو ته يقيناً هي ملائڪن جو گروهه هو.[1]
رُک جائیں مِرے کام حسنؔ ہو نہیں سکتا فیضان مددگار ہے عثمانِ غنی کا([2])
حضرت ابوقلابه رَضِىَ اللهُ عَنْهُ بيان ڪن ٿا: مان هڪ ڀيري ملڪِ شام ۾ هئس، هڪ ڏينهن مون هڪ آواز ٻڌو، ڪو پڪاري رهيو هو: هائي افسوس! منهنجي لاءِ جهنم آهي، هائي افسوس! منهنجي لاءِ جهنم آهي، مون کي تعجب ٿيو ته آخر هي ڪير آهي؟ جيڪو ايتري يقين سان چئي رهيو آهي ته منهنجي لاءِ جهنم آهي. فرمائن ٿا: جنهن طرف کان آواز اچي رهيو هو، مان اٿي ان طرف ويس، اتي مون هڪ حيران ڪري ڇڏيندڙ منظر ڏٺو: هڪ شخص آهي، جنهن جا ٻئي هٿ به ڪٽيل آهن، ٻئي پير به ڪٽيل آهن، ٻنهي اکين کان انڌو به آهي ۽ منهن ڀر زمين تي اونڌو پيو آهي ۽ بار بار اهو ئي چئي رهيو آهي: هائي افسوس! منهنجي لاءِ جهنم آهي، هائي افسوس! منهنجي لاءِ جهنم آهي
مون ان کان پڇيو: اي شخص! تون ائين ڇو ۽ ڪهڙي وجهه سان چئي رهيو آهين؟ اهو پراسرار شخص چوڻ لڳو: اي پڇڻ وارا! منهنجو حال نه پڇ...!! افسوس! مان انهن بدنصيبن مان آهيان، جيڪي مسلمانن جي ٽئين خليفي، حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کي شهيد ڪرڻ لاءِ سندن گهر مبارڪ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami