Share this link via
Personality Websites!
جهڙي طرح پاڻ الله پاڪ جي راهه ۾، دين جي خدمت لاءِ، محبوبِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم سان ڪيل واعدو نڀائڻ لاءِ صبر ڪيو آهي، جنهن ڪمال استقامت سان تقدير تي راضي رهيا آهن، هي پاڻ جو ئي خصوصي شان آهي.
پيارا اسلامي ڀائرو! هي اسان لاءِ سبق آهي، ڏسو! ڪيتري مشڪل مرحلي ۾ * 40 ڏينهن حضرت عثمانِ غني رَضِيَ اللهُ عَنْه محاصري ۾ گذاريا * بک اُڃ برداشت فرمائي * ان دوران به پاڻ روزا رکندا رهيا * نهايت اطمينان سان قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪندا رهيا * انتهائي مشڪلاتون کڻڻ باوجود خون وهائڻ تي راضي نه ٿيا بلڪه الله پاڪ جي رضا ۾ راضي ۽ صابر رهيا.
ڪاش! اسان کي به هي جذبو نصيب ٿي وڃي، افسوس! *اسان وٽ شور تمام گهڻو مچايو ويندو آهي * بي صبري تمام گهڻي ڪئي ويندي آهي * معاذ الله! الله پاڪ کان شڪايتون ڪيون وينديون آهن (استغفرالله! استغفرالله!)، اسان جون مشڪلاتون ڪهڙيون آهن؟ * هڪ وقت جي ماني نه ملي ته اسان بي صبرا ٿي ويندا آهيون * نوڪري ڇٽي وڃي * ڪم بند ٿي وڃي * ڪجهه ڏينهن آمدني بلڪل ختم نه پر بس ٿوري گهٽ ئي ٿي وڃي ته اسان بي صبرا ٿي ويندا آهيون * ٿورو مٿي ۾ سور ٿئي ته هاءِ گهوڙا شروع ٿي ويندو آهي * ڪا بيماري اچي وڃي ته ناشڪري ڪرڻ لڳندا آهيون. الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي، ڪاش! اسان
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami