Share this link via
Personality Websites!
هاشمي صَلَّی اللهُ عَلَیْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اِنَّا نُشَبِّهُ عُثْمَانَ بِاَبِیْنَا اِبْرَاہِیْمَ بيشڪ اسان عثمان کي پنهنجي والد ابراهيم عَلَيْهِ السَّلام جي مشابهه سمجهون ٿا:[1]
يعني حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي سيرت ۾ حضرت ابراهيم عَلَيْهِ السَّلام جي جهلڪ موجود آهي. سبحان الله! هي ڪيترو وڏو شان آهي...!!
اللہ سے کیا پیار ہے عثمانِ غنی کا محبوبِ خُدا یار ہے عثمانِ غنی کا
جس آئینہ میں نور الہٰی نظر آئے وہ آئینہ رخسار ہے عثمان غنی کا([2])
وضاحت: حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنْهُ الله پاڪ سان بي پناهه محبت ڪندڙ، محبوبِ خدا، احمدِ مجتبيٰ صَلَّی اللهُ عَلَیْهِ وَ آلِهٖ وَ سَلَّم جا دوست ۽ صحابي آهن، سندن چهرو مبارڪ اهڙو روشن آهي جو ان ۾ نورِ اِلٰهيءَ جي چمڪ رهندي آهي.
عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جون 3 خاص وصفون
داتا حضور رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مشائخِ طريقت يعني وڏن وڏن اولياءِ ڪرام (1) هديہءِ مال و جان (يعني الله پاڪ جي نالي تي جان قربان ڪرڻ) (2) تسليمِ امور (يعني الله پاڪ جي لکيل تقدير تي راضي ٿي وڃڻ) ۽ (3) اخلاص (يعني هميشه رب جي رضا جو طلبگار رهڻ)، هي 3 خاص وصفون حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان سکيون آهن.[3]
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami