Share this link via
Personality Websites!
ڪار تي هوندو، پر جڏهن اُهي صحابه ڪرام رَضِيَ اللهُ عَنهُم بارگاهِه رسالت ۾ حاضر ٿيا ته محبوبِ ذيشان صَلَّی اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم ٽنهي کان ساڳيو ئي سوال پڇيو: اوهان کي ڪهڙي شيءِ هتي وٺي آئي آهي؟ يعني نه هي نماز جو وقت آهي، نه درس جو وقت آهي، نه علمِ دين جي ڪنهن حلقي جو وقت آهي ته پوءِ اوهان هن وقت خلافِ معمول ڪهڙي سبب وِچان آيا آهيو؟ انهن ٽنهي صحابه ڪرام رَضِيَ اللهُ عَنهُم جو هڪ ئي جواب هو: اسان کي الله ۽ ان جي رسول جي محبت وٺي آئي آهي۔
ڄڻ اُهي هي چئي رهيا هئا ته يا رسولَ الله صَلَّی اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم! اسان پنهنجي ڪم ڪار ۾ مصروف هئاسين، اسان پنهنجن گهرن ۾ هئاسين، اسان پنهنجن ٻارن سان گڏ هئاسين، پر دل بيچين ٿي رهي هئي، اوهان صَلَّی اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم جي ياد ستائي رهي هئي، ڪم ڪار ۾ دل نه لڳي رهي هئي، اوهان صَلَّی اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم جي محبت، اوهان جي ديدار جي چاهت اسان کي هن وقت هتي وٺي آئي آهي۔
سُبْحٰنَ الله! معلوم ٿيو ته محبت جي اندر ڪشش هوندي آهي۔ محبت ڇڪيندي آهي۔ اسان وٽ به ماڻهو محبت جي دعويٰ ته ڪندا آهن، چوندا آهن: اسان عاشقِ رسول آهيون، پر انهن جي اندر ڪشش نظر نه ايندي آهي * دڪان تي آهن، نماز جو وقت ٿي ويو، دل مسجد ڏانهن نه ٿي ڇڪجي * درود پاڪ پڙهڻ کي ڪيترائي ڏينهن گذري ويندا آهن، دل بيچين نه ٿيندي آهي * قرآن جي تلاوت ڏانهن دل مائل نه ٿيندي آهي * مديني جي ياد ستائيندي نه آهي * اکين ۾ ڳوڙها نه ايندا آهن * پياري آقا صَلَّی اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم جي پيارين پيارين سنتن تي هلڻ نصيب نه ٿيندو آهي * عمامو شريف
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami