Share this link via
Personality Websites!
انهن پٿرين جي تسبيح پڙهڻ ۾ اشارو آهي ته جيئن پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم گهمندڙ ڦرندڙ مُردن کي جياري انهن جي اندر ايماني زندگي پيدا فرمائي ڇڏي، الله پاڪ جي ذڪر کي عام ڪيو، ماڻهن کي نيڪ بڻايو، اسلام ڦهلائي ڇڏيو آهي، اهڙي طرح پاڻ صَلَّی اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم کان پوءِ، سندن نائب ۽ خليفي طور اِهو تاثير(power)حضرت صديقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنهُ جي هٿ مبارڪ ۾ ايندو، پوءِ اِهو تاثير حضرت فاروقِ اعظم رَضِيَ اللهُ عَنهُ ۽ انهن کان پوءِ حضرت عثمانِ غني رَضِيَ اللهُ عَنهُ جي هٿ ۾ اچي ويندو.
هي به عرض ڪندو هلان ته چوٿون نمبر خليفا مولاءِ ڪائنات حضرت موليٰ علي المرتضيٰ شيرِ خدا رَضِيَ اللهُ عَنهُ آهن، اُهي جيئن ته اتي موجود نه هئا، تنهنڪري سندن ذڪرِ خير نه آيو آهي، جيڪڏهن اُھي حاضر هجن ها ته انهن جي هٿ تي به ضرور پٿريون تسبيح پڙهن ها۔
پيارا اسلامي ڀائرو! انهيءَ ئي خلافت جي ترتيب جو ذڪر قرآن ڪريم جي هن آيتِ ڪريمه ۾ به آهي، الله پاڪ فرمائي ٿو:
مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللّٰهِؕ-وَ الَّذِیْنَ مَعَهٗۤ اَشِدَّآءُ عَلَى الْكُفَّارِ رُحَمَآءُ بَیْنَهُمْ تَرٰىهُمْ رُكَّعًا سُجَّدًا یَّبْتَغُوْنَ فَضْلًا مِّنَ اللّٰهِ وَ رِضْوَانًا٘-سِیْمَاهُمْ فِیْ وُجُوْهِهِمْ مِّنْ اَثَرِ السُّجُوْدِؕ- (پارو: 26، سورة فتح: 29)
ترجمو ڪنزالعرفان: محمد الله جا رسول آهن ۽ ان جا ساٿي ڪافرن تي سخت، پاڻ ۾ نرم دل آهن. تون انهن کي رڪوع ڪندي، سجدا ڪندي ڏسندين، الله جو فضل ۽ رضا چاهن ٿا، ان جي علامت انهن جي چهرن ۾ سجدن جي نشان سان آهي.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami