Share this link via
Personality Websites!
ٿي ويون۔ پوءِ حضور صَلَّی اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم ٻيهر اهي پٿريون کنيون ۽ حضرت صديقِ اڪبر رَضِيَ اللهُ عَنهُ جي هٿ مبارڪ ۾ ڏنائون، جيئن ئي اهي حضرت صديقِ اڪبر جي هٿ ۾ آيون ته ٻيهر تسبيح ڪرڻ لڳيون، انهن جو آواز اسان اتي موجود ماڻهو ٻڌي رهيا هئاسين۔ ان کان پوءِ جيئن ئي انهن کي زمين تي رکيو ويو ته اهي ٻيهر خاموش ٿي ويون۔
پوءِ حضور صَلَّی اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم پٿريون کڻي حضرت فاروقِ اعظم رَضِيَ اللهُ عَنهُ جي هٿ تي رکيون۔ اهي وري تسبيح پڙهڻ لڳيون، پوءِ زمين تي رکيون ويون ته خاموش ٿي ويون، ٽئين ڀيري حضور صَلَّی اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم اهي پٿريون کڻي حضرت عثمانِ غني رَضِيَ اللهُ عَنهُ جي هٿ تي رکيون، انهن وري به تسبيح پڙهڻ شروع ڪري ڏني، زمين تي رکيون ويون ته خاموش ٿي ويون۔ هاڻي حضور صَلَّی اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: هَذِهِ خِلَافَةُ النُّبُوَّةِ يعني هي نبوت جي خلافت آهي۔
ان کان پوءِ پاڻ صَلَّی اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم بقايا موجود ماڻهن جي هٿن تي به پٿريون رکيون، پر ڪنهن جي به هٿ ۾ وڃي انهن تسبيح نه پڙهي۔
پيارا اسلامي ڀائرو! هن ايمان افروز حديثِ پاڪ ۾ ترتيبِ خلافت (Order of Succession) جو بيان آهي، سڀ کان پهريان پٿريون * پياري آقا صَلَّی اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم جي هٿ مبارڪ ۾ آيون * پوءِ حضرت صديقِ اڪبر * پوءِ فاروقِ اعظم * پوءِ عثمانِ غني رَضِيَ اللهُ عَنهُ جي هٿ ۾ آيون۔ خلافت جي ترتيب به اها ئي آهي (1): پهريان خليفا صديقِ اڪبر (2): ٻيان نمبر خليفا فاروقِ اعظم (3): ۽ ٽيان نمبر خليفا حضرت عثمانِ غني رَضِيَ اللهُ عَنهُم آهن۔
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami