Share this link via
Personality Websites!
توهان مڪتبة المدينه جي ڪنهن به شاخ تان: رسالو ڪراماتِ عثمان غني (مع ٻيون حڪايتون)، صرف 32 رپين ۾، جڏهن ته رسالو ”حضرت عثمان به جنتي جنتي“ صرف 20 رپين ۾ حاصل ڪري سگهو ٿا. پاڻ به هن جو مطالعو ڪريو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو.
پيارا اسلامي ڀائرو! عالمي سطح تي شهدائي ڪربلا ۽ امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي خدمتِ عاليه ۾ ثواب جو نذرانو پيش ڪرڻ لاءِ دعوتِ اسلامي جا مبلغين الله جي راهه ۾ سفر ڪري نيڪي جي دعوت عام ڪندا آهن، علمِ دين سکندا ۽ سيکاريندا آهن. هر سال وانگر هن سال به 8، 9، 10 محرم شريف 1448 هجري تي شهداءِ ڪربلا لاءِ ايصالِ ثواب قافلا سفر ڪندا. اوهان به 3 ڏينهن قافلي ۾ سفر ڪرڻ جي نيت فرمايو. الله پاڪ عمل جي توفيق نصيب فرمائي.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْبِ! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سنت جي فضيلت ۽ زندگيءَ جا ڪجهه آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهيان. تاجدارِ رسالت، شهنشاهِه نبوت صَلَّی اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم! فرمايو:
مَنْ أَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ أَحَبَّنِي وَمَنْ أَحَبَّنِي كَانَ مَعِيَ فِي الْجَنَّةِ
جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami