Share this link via
Personality Websites!
مون ڏٺو ته حضور صَلَّی اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم اڪيلا تشريف فرما آهن۔ مون موقعي کي غنيمت سمجهيو ۽ يڪدم سندن خدمت ۾ حاضر ٿي ويس۔ * اڃان ويٺو ئي هئس (ٿوري ئي دير گذري هئي) ته مسلمانن جا پهريان خليفا حضرت ابوبڪر صديق رَضِيَ اللهُ عَنهُ به اتي پهچي ويا۔ انهن حاضر ٿي سلام عرض ڪيو، حضور صَلَّی اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم جواب عطا فرمايو ۽ پڇيائون: ابو بڪر! ڪهڙي ڳالهه توکي هن وقت هتي وٺي آئي آهي؟ عرض ڪيائون: اللہُ وَ رَسُولُہٗ يعني الله ۽ ان جي رسول جي محبت وٺي آئي آهي۔
* اڃا ٿوري ئي دير گذري هئي ته مسلمانن جو ٻيو نمبر خليفو حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِيَ اللهُ عَنهُ به اچي ويا، انهن به سلام ڪيو ۽ ويهي رهيا، حضور صَلَّی اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم انهن کان به پڇيو: عمر! ڪهڙي ڳالهه هن وقت توکي هتي وٺي آئي آهي؟ عرض ڪيائون: الله ۽ ان جي رسول جي محبت وٺي آئي آهي * ٿوري دير کان پوءِ مسلمانن جو ٽيون نمبر خليفو حضرت عثمانِ غني رَضِيَ اللهُ عَنهُ به اچي ويا۔ انهن به سلام ڪيو ۽ ويهي رهيا۔ حضور صَلَّی اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم کانئن به پڇيو: توکي ڪهڙي ڳالهه هن وقت هتي وٺي آئي آهي؟ انهن به ساڳيو ئي جواب ڏنو: الله ۽ ان جي رسول جي محبت وٺي آئي آهي۔
حضرت ابوذر رَضِيَ اللهُ عَنهُ فرمائن ٿا: رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان جي هٿ مبارڪ ۾ 7 يا 9 پٿريون (Pebbles) هيون، پاڻ صَلَّی اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم انهن کي پنهنجي تَرِيءَ تي رکيو ته سُبْحٰنَ الله! انهن پٿرين تسبيح شروع ڪري ڏني، مون سميت سمورا حاضرين انهن جو آواز ٻڌي رهيا هئا.
پوءِ پاڻ صَلَّی اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم اهي پٿريون زمين تي رکي ڇڏيون ته اهي خاموش
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami