Share this link via
Personality Websites!
علامه مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَت بَرَکَاتُہُم الْعَالِیَہ جي فيضان سان مسجدن ۽ مدرسن جي تعمير لاءِ خدامُ المساجد و المدارس المدينه نالي سان هڪ شعبو قائم ڪيو ويو آهي۔ هن شعبي جي تحت ڳوٺن ۾، نئين سوسائٽين ۾ ۽ جتي به عاشقانِ رسول جون مسجدون نه آهن، اتي مسجدن جي تعمير جو سلسلو شروع ڪيو ويندو آهي ته جيئن اتان جا ماڻهو آسانيءَ سان نماز ادا ڪري سگهن ۽ ٻارن کي قرآن ڪريم جي تعليم ڏني وڃي.
اَلحمدُ لله! هن شعبي جي ڪوششن سان ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر تقريباً 10 هزار کان وڌيڪ مسجدون ۽ مدارس المدينه قائم ڪيا ويا آهن۔ 1 هزار کان وڌيڪ مسجدون زيرِ تعمير آهن ۽ 500 کان وڌيڪ پلاٽ موجود آهن، جتي جلد ئي مسجدن جي تعمير شروع ڪئي ويندي۔ جڳهه خريد ڪرڻ کان وٺي مسجد جي تعمير مڪمل ٿيڻ ۽ نماز جي ادائيگي تائين سمورا معاملا مفتيانِ ڪرام جي نگرانيءَ ۾ سرانجام ڏنا ويندا آهن. اهڙي طرح جن علائقن ۾ مدرسن جي ضرورت هوندي آهي يا مخير حضرات مدرسن لاءِ جڳهه عطيو ڪندا آهن، اتي مدرسن جي تعمير جو مڪمل انتظام به هن مجلس جي نگرانيءَ هيٺ ڪيو ويندو آهي. الله پاڪ دعوتِ اسلامي جي هن شعبي کي ترقيون عطا فرمائي۔ اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
پيارا اسلامي ڀائرو! الحمدلله! دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊپارٽمينٽ طرفان تمام فائديمند موبائل ايپلي ڪيشن فيضانِ حديث جي نالي سان پلي اسٽور ۽ ايپ اسٽور Play Store ۽ App Store تي پيش ڪئي وئي آهي۔ هن
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami