Share this link via
Personality Websites!
هڪ روايت ۾ آهي: پاڻ سڳورن صَلَّی اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم دعا فرمائي: اي الله پاڪ! مان عثمان کان راضي آهيان، تون به ان کان راضي ٿي وڃ. )[1])
حضرت ابو سعيد خدري رَضِيَ اللهُ عَنهُ فرمائن ٿا: مون پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّی اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم کي ڏٺو! پاڻ صَلَّی اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم سڄي رات حضرت عثمانِ غني رَضِيَ اللهُ عَنهُ لاءِ هيءَ دعا ڪندا رهيا: اي الله پاڪ! مان عثمان کان راضي ٿيس، تون به ان کان راضي ٿي وڃ. ([2])
اللہ سے کیا پیار ہے عثمانِ غنی کا محبوبِ خُدا یار ہے عثمانِ غنی کا
گرمی پہ یہ بازار ہے عثمانِ غنی کا اللہ خریدار ہے عثمانِ غنی کا ([3])
عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ عنہ جي خوش بختي
اي عاشقانِ رسول! حضرت عثمانِ غني رَضِيَ اللهُ عَنهُ جي خوش بختي ڏسو! رشڪ جي لائق ڳالهه آهي، پياري رسول، رسولِ مقبول صَلَّی اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم سڄي رات انهن جي لاءِ دعا فرمائي: ياالله! مان عثمان کان راضي آهيان، تون به ان کان راضي ٿي وڃ۔
اللہُ اکبر! جنهن کان محبوبِ خدا، ٻنهي جهانن جا آقا صَلَّی اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم راضي ٿي وڃن، ان کي ٻيو ڇا گهرجي...!!
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami