Share this link via
Personality Websites!
میری بَک بَک کی عادَت مِٹا دے اور آنکھیں حیا سے جُھکا دے
صدقہ عثمان کا جو باحیا ہے، یاخدا! تجھ سے میری دُعا ہے ([1])
(3): عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ عنہ جون مالي قربانيون
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت عثمانِ غني رَضِيَ اللهُ عَنهُ جنهن شان سان، جنهن بي مثال صبر ۽ استقامت جو مظاهرو ڪندي الله پاڪ جي راهه ۾ جان قربان ڪئي، اُها سندن ئي خاصيت آهي، اهڙي طرح جيڪڏهن انهن جي مالي قربانين جو ذڪر ڪيو وڃي ته ان ۾ به پاڻ بي مثل ۽ بي مثال نظر اچن ٿا، پاڻ اُهي شان وارا صحابي آهن، جن هڪ ڀيرو نه پر بار بار بذاتِ خود مالڪِ جنت صَلَّی اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم کان باقاعده جنت خريد ڪئي آهي * بِئرِ رومه (يعني رومه نالي کوهه) خريد ڪري مسلمانن لاءِ وقف ڪري ڇڏيائون * مسجدِ حرام شريف جي توسيع لاءِ زمين خريد ڪري پيش ڪيائون * جيشِ عسرت (يعني غزوهءِ تبوڪ وقت لشڪر) لاءِ دل کولي مال ۽ سامان پيش ڪيائون ۽ پياري آقا صَلَّی اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم کان جنت جي خوشخبري حاصل ڪيائون.
اي الله عثمان کان راضي ٿي وڃ ...!!
روايت آهي: غزوهءِ تبوڪ جو موقعو هو، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم سان گڏ صحابه ڪرام رَضِيَ اللهُ عَنهُم جو لشڪر سفر تي هو، رستي ۾ هڪ هنڌ تمام وڏي مشڪل پيش آئي، کاڌي پيتي جون شيون ختم ٿي ويون، سخت گرمي (Intense Heat) هئي، بک ۽ اڃ جي شدت ٿي، ان حالت ۾ صحابه
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami