Share this link via
Personality Websites!
پيارا اسلامي ڀائرو! هي اسان لاءِ سبق آهي، ڏسو! ڪيڏو نه مشڪل مرحلو هو * 40 ڏينهن حضرت عثمانِ غني رَضِيَ اللهُ عَنهُ محاصري ۾ گذاريا * بک ۽ اڃ برداشت فرمايائون * ان دوران به پاڻ روزا رکندا رهيا * نهايت اطمينان سان قرآن ڪريم جي تلاوت ڪندا رهيا * انتهائي تڪليفون برداشت ڪرڻ جي باوجود پاڻ خون وهائڻ تي راضي نه ٿيا پر الله پاڪ جي رضا ۾ راضي ۽ صابر رهيا۔
ڪاش! اسان کي به اهڙو جذبو نصيب ٿي وڃي، افسوس! * اسان وٽ دانهُون تمام گهڻيون ڪيون وينديون آهن * بي صبري تمام گهڻي ڪئي ويندي آهي * مَعَاذَ الله! الله پاڪ کان شڪايتون ڪيون وينديون آهن (اَسْتَغْفِرُ الله! اَسْتَغْفِرُ الله!)، اسان جون مشڪلاتون ڪهڙيون آهن؟ * هڪ وقت جو کاڌو نه ملي ته اسان بي صبرا ٿي ويندا آهيون * نوڪري هلي وڃي * ڪم بند ٿي وڃي * ڪجهه ڏينهن آمدني بلڪل ختم نه، پر ٿوري گهٽ ٿي وڃي ته اسان بي صبرا ٿي ويندا آهيون * ٿورو مٿي ۾ سور پئجي وڃي ته دانهون ڪرڻ لڳندا آهيون * ڪا بيماري اچي وڃي ته ناشڪري ڪرڻ ۾ لڳي ويندا آهيون، الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي، ڪاش! اسان کي تسليم ۽ رضا جي دولت نصيب ٿي وڃي، هر وقت، هر گهڙي الله پاڪ جي رضا ۾ راضي رهڻ وارا بڻجي وڃون۔
گو یہ بندہ نکما ہے بیکار، اس سے لے فضل سے رَبِّ غَفَّار
کام وہ جس میں تیری رِضا ہے، یاخدا! تجھ سے میری دُعا ہے
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami