Share this link via
Personality Websites!
رضا جي اهڙي بلند مقام تي پهتل هئا، جبرائيل عَلَيْهِ السَّلَام مدد لاءِ حاضر ٿين ٿا، پاڻ کانئس مدد نه ٿا وٺن، الله پاڪ جي لکيل تقدير تي راضي رهن ٿا ۽ هتي حضرت عثمانِ غني رَضِيَ اللهُ عَنهُ آهن، مشڪل آهي، پريشاني آهي، امتحان آهي، حضرت موليٰ علي، امام حسن مجتبيٰ رَضِيَ اللهُ عَنهُما مدد لاءِ اچن ٿا پر حضرت عثمانِ غني رَضِيَ اللهُ عَنهُ کانئن مدد نه ٿا وٺن، پر الله پاڪ جي لکيل تقدير تي راضي رهي رهيا آهن.([1]) حضرت عثمانِ غني رَضِيَ اللهُ عَنهُ جو هي ئي اُهو عظيم شان آهي جنهن کي بيان ڪندي الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّی اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اِنَّا نُشَبِّهُ عُثْمَانَ بِاَبِيْنَا اِبْرَاهِيْمَ بيشڪ اسان عثمان کي پنهنجي والد ابراهيم عَلَيْهِ السَّلَام سان مشابهت رکڻ وارو سمجهون ٿا. ([2])
يعني حضرت عثمانِ غني رَضِيَ اللهُ عَنهُ جي سيرت ۾ حضرت ابراهيم عَلَيْهِ السَّلَام جي جهلڪ موجود آهي۔ سُبْحٰنَ الله! هي ڪيڏو وڏو شان آهي ...!!
اللہ سے کیا پیار ہے عثمانِ غنی کا محبوبِ خُدا یار ہے عثمانِ غنی کا
جس آئینہ میں نور الہٰی نظر آئے وہ آئینہ رخسار ہے عثمان غنی کا ([3])
وضاحت: حضرت عثمانِ غني رَضِيَ اللهُ عَنهُ الله پاڪ سان بي پناهه محبت ڪرڻ وارا، محبوبِ خدا، احمدِ مجتبيٰ صَلَّی اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم جا دوست ۽ صحابي آهن، سندن چهرو مبارڪ ايترو روشن آهي جو ان ۾ نورِ الٰهي جي چمڪ رهندي آهي۔
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami