Share this link via
Personality Websites!
صبر ڪندو رهندس. ([1])
حضرت عثمانِ غني رَضِيَ اللهُ عَنهُ جي بي مثال صبر تان قربان ...!! شهادت جو جام ته پيئڻ پسند ڪيائون پر مديني پاڪ ۾ مسلمانن جو خون وهڻ پسند نه فرمايائون۔ پاڻ رَضِيَ اللهُ عَنهُ جي عاليشان گهر جو گهيراءُ ڪيو ويو ۽ پاڻي بند ڪيو ويو * جان نثارن دولت خاني تي حاضر ٿي باغين سان مقابلي جي اجازت گهري پر پاڻ رَضِيَ اللهُ عَنهُ اجازت ڏيڻ کان انڪار فرمايو ۽ * جڏهن پاڻ رَضِيَ اللهُ عَنهُ جا غلام هٿيارن (weapons) سان ليس ٿي اجازت لاءِ حاضر ٿيا ته فرمايائون: جيڪڏهن اوهان منهنجي خوشي چاهيو ٿا ته هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيو ۽ ٻڌو! اوهان مان جيڪو به غلام هٿيار ڦٽا ڪندو مان ان کي آزاد ڪري ڇڏيو، الله پاڪ جو قسم! خون وهائڻ کان پهريان منهنجو شهيد ٿي وڃڻ مون کي وڌيڪ پسند آهي۔ منهنجي شهادت لکي وئي آهي ۽ رسولِ ذيشان، محبوبِ رحمٰن صَلَّی اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم مون کي ان جي خوشخبري ڏني آهي. حضرت عثمانِ غني رَضِيَ اللهُ عَنهُ پنهنجن غلامن کي فرمايو: جيڪڏهن توهان جنگ ڪئي پوءِ به منهنجي شهادت ٿي ئي رهندي.([2])
رکھا مَحْصُوْر اُن کو بند ان پر کر دیا پانی شہادت حضرتِ عثمان کی بے شک ہے لَاثانی ([3])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami