Share this link via
Personality Websites!
اڄ جي دور ۾ اهو به غنيمت آهي ته هلو الله جو حڪم ته مڃيو ويو، مالڪِ نصاب ٿي وياسين، قرباني واجب ٿي وئي هئي ته الحمد لله واجب ادا ته ڪري رهيا آهيون هيءَ به وڏي ڳالھ آهي پر حديثِ پاڪ ۾ اسان کي ان کان اڳتي جو سبق ڏنو ويو آهي ته قرباني ڪري رهيا آهيون ته مجبوراً نه بلڪ خوشي خوشي ڪريون. جڏهن قرباني ڪري رهيا هجون ته دل ۾ خوشي هجڻ گهرجي ته اَلْحَمْدُ لِلہ! اڄ مان پنهنجي رب جي رضا لاءِ قرباني ڪري رهيو آهيان.
حضرت اسماعيل عَلَيْهِ السَّلَام جي هڪ مبارڪ ڪيفيت
روايتن ۾ اچي ٿو: ته جڏهن حضرت ابراهيم عَلَيْهِ السَّلَام پنهنجي صاحبزادي کي مِنيٰ ۾ وٺي ويا ۽ کيس پنهنجو خواب ٻڌايائون، ارشاد فرمايو:
یٰبُنَیَّ اِنِّیْۤ اَرٰى فِی الْمَنَامِ اَنِّیْۤ اَذْبَحُكَ فَانْظُرْ مَا ذَا تَرٰىؕ-
ترجمو ڪنزُ العرفان: اي منهنجا پٽَ! مون خواب ۾ ڏٺو ته مان توکي ذبح ڪري رهيو آهيان. هاڻي تون ڏس ته تنهنجي ڇا راءِ آهي؟ (سيپارو: 23، الصفت: 102)
ڪتابن ۾ لکيل آهي: ته جڏهن حضرت ابراهيم عَلَيْهِ السَّلَام ائين فرمائي رهيا هئا، ته ان وقت شهزادي جو چهرو چمڪڻ لڳو ۽ جسم تي ڏڪڻي طاري ٿي وئي. حضرت ابراهيم عَلَيْهِ السَّلَام پڇيو: پٽ! ڇا ڳالهه آهي؟ چهري تي هيءَ چمڪ ڇا جي آهي؟ جسم تي هيءَ ڏڪڻي ڇو آهي؟ هاڻي شهزادي جو جواب ٻڌو! عرض ڪيائون: بابا سائين! مان قربان ٿيندس ته پنهنجي رب جي حضور حاضر ٿي ويندس، هن فاني دنيا کان جدا ٿي جنت ۾ پهچي ويندس. الله پاڪ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami