Share this link via
Personality Websites!
گوشت کائڻ ۽ ورهائڻ تائين تنهنجا سڀ عمل ٻين جي سامهون هئا پر هن سڄي وقت ۾ هڪ شيءِ هئي جيڪا صرف منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾ هئي، ۽ اها آهي توهان جي دل جي ڪيفيت، بس توهان جي عمل جي قبوليت جو فيصلو هن ئي دلي ڪيفيت تي ڪيو ويندو. اهو ڏٺو ويندو ته توهان جي دل ۾ تقويٰ هئي يا نه هئي؟ الله پاڪ وٽ جيڪو قبول آهي، اها ئي دل جي تقويٰ آهي.[1]
اي عاشقانِ رسول! هاڻي اسان پاڻ غور ڪريون * جڏهن اسان جانور خريد ڪرڻ وياسين، ته دل ۾ نيت ڪهڙي هئي؟ ڇا جانور خريد ڪندي دل ۾ اهو خيال هو ته ماڻهو ڇا چوندا؟ يا اهو جذبو هو ته رب جي نالي تي بهتر کان بهتر جانور قربان ڪندس؟ * جڏهن جانور وٺي پاڙي ۾ پهتاسين ۽ ماڻهن ڏسي واهه واهه ڪئي هئي، ان وقت دل جي ڪيفيت ڪهڙي هئي؟ * جڏهن دوستن ۽ پاڙيسرين پڇيو ته جانور ڪيتري جو آيو، تڏهن دل جي ڪيفيت ڪهڙي هئي؟ * جڏهن ٻين جا جانور ڏسي پنهنجي ۽ ٻين جي جانورن جو موازنو (ڀيٽ) ڪري رهيا هئاسين، تڏهن دل جي ڪيفيت ڪهڙي هئي؟ مطلب ته اسان جي قربانيءَ ۾ گوشت اهو آهي جيڪو اسان کائينداسين يا ماڻهن ۾ ورهايو ويندو، رت کي مٽي چوسي ويندي، کل ڪنهن مدرسي کي پيش ڪئي ويندي، پر هڪ شيءِ باقي بچندي* اسان جي دل جو اخلاص * اسان جي دل جي تقويٰ * اسان جي دل ۾ موجود فرمانبرداري جو جذبو * اسان جي دل ۾ موجود پنهنجي رب جي محبت...!! جيڪڏهن اهي مقدس ڪيفيتون موجود آهن ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! قرباني قبول ئي قبول آهي، پر
[1]...علم القلوب، باب حكم النیۃ فی الاعمال، الایۃ الاولیٰ فمن ذلک قولہ جل ثناؤ...الخ، صفحہ:166 مفصلاً۔
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami