Share this link via
Personality Websites!
ڏنو ويندو آهي،[1] اَڄ ڄڻ نيڪين جي هن موسمِ بهار جو آخري ڏينهن آهي، تنهنڪري جيتريون ٿي سگهن * اڄ نيڪيون ڪيون وڃن * وڌ کان وڌ الله پاڪ جو ذڪر ڪريو! * درودِ پاڪ پڙهو! * پنج ئي نمازون باجماعت ادا ڪريو! * اڄ خاص طور تي صدقي ۽ خيرات جو ڏينهن آهي، قرباني ڪرڻي آهي، قربانيءَ جو گوشت غريبن تائين پهچايو! * مهمانن جي اچ وڃ هوندي آهي، سٺين سٺين نيتن سان مهمان نوازي ڪريو! * صِلهءِ رحميءَ جو ڏينهن آهي، پنهنجن عزيزن ۽ مٽن مائٽن تائين قربانيءَ جو گوشت پهچايو! * سٺين سٺين نيتن سان مائٽن کي فون ڪري عيد مبارڪ چئو! ۽ سندن حال احوال پڇو! مطلب ته ڪوشش ڪري اڄ وڌ کان وڌ نيڪيون ڪري وٺو!
عيدالاضحيٰ جو سڀ کان پسنديده عمل
حديثِ پاڪ جي مشهور ڪتابن: ترمذي ۽ ابنِ ماجه ۾ مسلمانن جي پياري امڙ، حضرت عائشه صديقه، طيبه طاهره رَضِىَ اللهُ عَنْها کان روايت آهي ته الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: یَوْمُ النَّحْر (قربانيءَ جي ڏينهن) انسان جي عملن ۾ الله پاڪ وٽ سڀ کان وڌيڪ پسنديده عمل (قربانيءَ جي جانور جو) رت وهائڻ آهي. بيشڪ قرباني قيامت جي ڏينهن پنهنجن سڱن، وارن ۽ کُرن سميت آندي ويندي ۽ بيشڪ (قربانيءَ جي جانور جو) رت زمين تي ڪِرڻ کان اڳ ئي الله پاڪ جي بارگاهه ۾ بلند مقام تي پهچي ويندو آهي.[2]
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami