Share this link via
Personality Websites!
نُورِ مُجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪڏهن تون ٻڪريءَ تي رحم ڪرين ٿو ته الله پاڪ تو تي رحم فرمائيندو.[1]
هاءِ افسوس! اسان وٽ معاملو ابتڙ آهي. ماڻهو قرباني وقت جانور جو تماشو ڏسي رهيا هوندا آهن، ڪجھ نادان ته جانور کي تڙپندو ڏسي تاڙيون به وڄائيندا آهن بلڪه اڄڪلهه ته انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا (Social Media) جو دور آهي، ماڻهو ويچارا وڊيوز (Videos) ٺاهي وائرل ڪري رهيا هوندا آهن. الله پاڪ اسان کي هدايت نصيب فرمائي! اهو وقت تماشو ڏسڻ جو ناهي، بلڪه رحم دليءَ سبب لڙڪ وهائڻ جو آهي ان جانور جي خوش نصيبيءَ جو اهو الله پاڪ جي نالي تي قربان ٿي رهيو آهي، ان جي خوش قسمتي تي رشڪ ڪرڻ جو وقت آهي.
پيارا اسلامي ڀائرو! اهي مقدس ۽ مبارڪ ڪيفيتون آهن، جيڪي قرباني جي وقت دل ۾ هجڻ گهرجن (1): الله پاڪ جي حڪم تي عمل ڪري رهيا آهيون، هن ڳالھ جي خوشي هجي، (2): دل ۾ اخلاص جو جذبو موجود هجي (3): جانور لاءِ رحم دلي جو جذبو اسان جي اندر موجود هجي، هي جذبات ۽ ڪيفيتون دل ۾ رکي ڪري قرباني ڪنداسين ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! قرباني الله پاڪ وٽ قبول به ٿيندي ۽ ان جي برڪت سان ايمان به مضبوط ٿيندو.
عطا کر دے اخلاص کی مجھ کو نعمت نہ نزدیک آئے ریا یاالہٰی!([2])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami