Share this link via
Personality Websites!
ختم ٿي ويندي آهي.[1] مطلب! پيارا اسلامي ڀائرو! جڏهن اسان قرباني ڪري رهيا هجون ته دل ۾ اخلاص هجي، رضاءِ الاهي تي نظر هجي، ان ڪيفيت سان قرباني ڪنداسين ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دنيا ۾ به برڪت ملندي ۽ آخرت ۾ به ڪاميابي نصيب ٿي ويندي.
پيارا اسلامي ڀائرو! هڪ ٻي پياري ڪيفيت جيڪا قرباني وقت دل ۾ هجڻ گهرجي اها آهي رحم دلي امام شعراني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: ادب هي آهي ته جڏهن اسان جانور ذبح ڪري رهيا هجون، ان وقت به دل ۾ رقت (نرمي) هجي.[2]
يعني الله جي حڪم تي عمل ڪندي اسان جانور کي ذبح ته ڪيون، پر ان جي صورت هيءَ هوندي ته جڏهن اسان جانور جي ڳچيءَ تي ڇُري هلائڻ وقت به اسان جي دل ۾ رحم ئي هجي، ان وقت به اسان جي دل ۾ نرمي ئي هجي، هيئن چئي سگهون ٿا ته: ٻانهو الله پاڪ جي حڪم تي عمل ڪندي جڏهن جانور جي ڳلي تي ڇري هلائي رهيو آهي ان وقت به رحم دلي جي وجھ سان انهن جي ڌڙڪن تيز ٿي وڃي، اکين ۾ لڙڪ اچي وڃن. ائين دل ۾ نرمي ۽ رحم جون ڪيفيتون رکي ڪري جانور ذبح ڪيو وڃي. هڪ ڀيرو هڪ صحابي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ بارگاھِ رسالت ۾ عرض ڪيو: يارسولَ الله! مان ٻڪري ذبح ڪندو آهيان ته مون کي ان تي رحم اچي رهيو هوندو آهي. رحمتِ عالَم،
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami