Share this link via
Personality Websites!
لکي آهي، فرمائن ٿا: جڏهن الله پاڪ جا نبي حضرت آدم عَلَيْهِ السَّلَام دنيا ۾ تشريف کڻي آيا، ڇو ته الله پاڪ جا نبي به آهن ۽ خليفةُ الله بڻجي ڪري تشريف کڻي آيا هئا، جيئن ته زمين تي جيڪي جانور هئا، اهي کين خدمت ۾ سلام پيش ڪرڻ لاءِ حاضر ٿيا. هاڻي منظر ڪجھ هيئن هو جو سڀ جانور واري واري سان حاضر ٿي رهيا هئا، حضرت آدم عَلَيْهِ السَّلَام هر هڪ جي حسبِ حال انهن جي لاءِ دعائون فرمائي رهيا هئا، ان دوران هرڻ به حاضر ٿيا، حضرت آدم عَلَيْهِ السَّلَام هرڻ جي پٺيءَ تي پنهنجو هٿ گهمايو ۽ دعا فرمائي، جنهن جي برڪت سان ان مان خوشبو مهڪڻ لڳي. هاڻي جڏهن هي هرڻ واپس ويا، جڏهن ٻين جانورن پڇيو: توهان جي اندر هيءَ خوشبو ڪٿان آئي؟ هرڻن چيو: ته حضرت آدم عَلَيْهِ السَّلَام جي مبارڪ هٿ ۽ دعا جي برڪت آهي. جيئن ته اهي جانور خوشبو جي لالچ ۾ حضرت آدم عَلَیْہِ السَّلَام جي خدمت ۾ حاضر ٿيا، حضرت آدم عَلَيْهِ السَّلَام انهن جي حق ۾ به دعا فرمائي ۽ انهن جي پٺيءَ تي هٿ به گهمايو پر انهن مان خوشبو نه آئي، واپس آيا، هرڻن کان پڇيائون ته اهو ڇو ٿيو، ھرڻن کي ٻڌايائون ته: حضرت آدم عَلَیْہِ السَّلَام اسان جي پٺيءَ تي به هٿ ڦيريو، اسان جي لاءِ به دعا فرمائي پر اسان جي اندر ته خوشبو نه آئي...؟ هرڻن چيو: اسان صرف ۽ صرف الله پاڪ جي رضا خاطر حضرت آدم عَلَيْهِ السَّلَام جي تعظيم ڪرڻ جي لاءِ حاضر ٿيا هئاسين پر توهان جي نيت سندن تعظيم جي نه بلڪه صرف خوشبو حاصل ڪرڻ جي هئي، ان ڪري توهان کي اهي برڪتون نه ملي سگهيون جيڪي اسان کي نصيب ٿي ويون.[1]
الله! الله! ڇا شان آهي..!!
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami