Share this link via
Personality Websites!
ہٰذَا رِضًا لَکَ فَاُسَلِّمُ لِاَمْرِکَ پوءِ جيڪڏهن تنهنجي رضا انهيءَ ۾ ئي آهي ته مان تنهنجي رضا جي خاطر تنهنجي حڪم اڳيان سر جهڪايان ٿو.[1]
ڪتابن ۾ لکيل آهي: ته جڏهن حضرت ابراهيم عَلَيْهِ السَّلَام هي چيو ته ملائڪَ به رنا ۽ الله پاڪ جي حضور عرض ڪيائون: مولا! هي تنهنجا نبي آهن، انهن مان هڪ (تنهنجي رضا لاءِ) منهن ڀر ليٽيل آهي، ٻيو (تنهنجي رضا لاءِ) ذبح ڪرڻ لاءِ تيار آهي. پوءِ الله پاڪ حضرت اسماعيل عَلَيْهِ السَّلَام جي بدلي ۾ جنتي دُنبو (گهيٽو) موڪلي ڏنو.[2]
پيارا اسلامي ڀائرو! ان عظيم الشان قربانيءَ جي وقت انهن ٻنهي بلند رتبي وارن نبين سڳورن جي دلين جي اصل ڪيفيت ڪهڙي هئي، اها نه اسان ڄاڻي سگهون ٿا، نه اتي پهچي سگهون ٿا، پر اهي روايتون انهن ڪيفيتن جي هڪ جهلڪ ضرور ڏيکاري رهيون آهن. حضرت ابراهيم عَلَیْہِ السَّلَام جڏهن قرباني ڪري رهيا هئا ۽ حضرت اسماعيل عَلَیْہِ السَّلَام جڏهن قربان ٿيڻ جي لاءِ تيار هئا، انهن ٻنهي جي پيشِ نظر دنيا نه هئي، پنهنجي واهه واهه نه هئي، پنهنجو مقام، پنهنجو مرتبو، پنهنجي تعريف ڪجھ به مقصد نه هئي، سندن دليون صرف ان ڳالهه لاءِ تڙپي رهيون هيون، اها هيءَ ته الله پاڪ اسان کان راضي ٿي وڃي. معلوم ٿيو ته قربانيءَ جو اصل فلسفو آهي، اهو آهي ئي الله پاڪ جي رضا. تنهنڪري جڏهن اسان قرباني ڪريون ته * دل ۾ اخلاص هجي* لِلّٰهيت (خدا پرستي) هجي* اسان جي اڳيان پنهنجون تعريفون نه هجن* نه واھ واھ هجي * نه ڏيکاءُ هجي* هوڏانهن جانور جي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami