Share this link via
Personality Websites!
فرمايو: مَنْ ضَحّٰی طِیْبَۃً نَفْسَہٗ مُحْتَسِبًا لِاُضْحِیَتِہٖ کَانَت لَہٗ حِجَابًا مِّنَ النَّارِ جنهن خوش دليءَ سان ۽ خالص الله پاڪ جي رضا لاءِ قرباني ڪئي، ان جي اها قرباني ان لاءِ جهنم کان رڪاوٽ (ڍال) بڻجي ويندي.[1]
سُبْحٰنَ الله! هتي ڏسو، جنهن ڪيفيت ڏانهن اسان جو ڌيان ڇڪايو پيو وڃي، اها آهي مُحْتَسِبًا يعني خالص الله جي رضا مقصود هجي. ان کان سواءِ اسان ڪجهه به نه چاهيندا هجون *نه دنيا جي شهرت * نه پنهنجي واهه واهه * نه ڪا تعريف * نه خودپسندي، ڪجهه به نه! بس هڪ ئي مقصد هجي ته مان قرباني ڪري رهيو آهيان، ڪاش! ان جي صدقي مون کي رب جي رضا نصيب ٿي وڃي.
حضرت ابراهيم عَلَيْهِ السَّلَام جي مقدس ڪيفيت
الله پاڪ جي نبي حضرت ابراهيم عَلَيْهِ السَّلَام جن جي ياد ۾ اسان قربانيون ڪندا آهيون، روايتن ۾ آهي: جڏهن حضرت ابراهيم عَلَيْهِ السَّلَام پٽ کي قربانيءَ لاءِ ليٽايو، سندس هٿ ٻڌي ڇڏيا! پوءِ سندس مٿي وٽ ويهي رهيا، ڇري سندس ڳچيءَ تي رکيائون، پوءِ چيائون:
اِلٰہی! لَکَ الْحَمْدُ فِی الدَّہْرِ الْبَاقِی، رَزَقْتَنِیْ الْوَلَدَ عَلٰی کِبَرِ سِنِّی، فَابْتَلَیْتَنِیْ بِہٰذَ الْبَلَاءِ
اي الله پاڪ! هميشه هميشه تائين تنهنجي ئي ساراهه آهي، تو مون کي پوڙهائپ ۾ پٽ عطا فرمايو، پوءِ ان جي ذريعي هي آزمائش فرمائي، فَاِنْ کَانَ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami