Share this link via
Personality Websites!
الله حڪم ڏنو ته مان جانور رب جي نالي قربان ڪري رهيو آهيان، جيڪڏهن حڪم ٿئي ها ته پنهنجي جان قربان ڪرڻ کان به ڪڏهن پوئتي نه هٽان ها. دل ۾ هڪ حسرت هجي، دل ۾ هلچل هجي ته ڪيترو خوش نصيب جانور آهي، جيڪو پنهنجي رب جي نالي قربان ٿي رهيو آهي، ڪاش! مان به پنهنجي رب جي نالي تي پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيان...!!
یہ اِک جان کیا ہے، اگر ہوں کروڑوں
ترے نام پر سب کو وارا کروں میں ([1])
شيخ احمد بن يحييٰ دمشقي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هڪ نيڪ بزرگ ٿي گذريا آهن، دمشق جا رهواسي هئا. هڪ ڏينهن پنهنجي گهر ۾ والدين سان گڏ ويٺا هئا ۽ کين قرآنِ ڪريم پڙهي ٻڌائي رهيا هئا. تلاوت جي دوران حضرت اسماعيل عَلَيْهِ السَّلَام جو واقعو آيو، جنهن ۾ قرآنِ ڪريم ٻڌايو ته ڪيئن حضرت ابراهيم عَلَيْهِ السَّلَام پٽ جي قربانيءَ لاءِ تيار ٿي ويا؟ ۽ ڪيئن حضرت اسماعيل عَلَيْهِ السَّلَام خوش دليءَ سان پاڻ کي پيش ڪيو. جڏهن اهو واقعو ٻڌائون، ته سندس امڙ جي دل ۾ جوش آيو، فرمايائون: پٽ احمد! منهنجو صرف هڪ ئي پٽ آهي، مان توکي رب جي نالي تي وقف ڪريان ٿي. وڃ! الله پاڪ جي عبادت ڪر!
شيخ احمد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مان گهران نڪتس، مڪي شريف پهتس ۽ ڪعبةُ الله جي ويجهو رهي عبادت ۾ مشغول رهيس. ڪافي عرصي کان بعد والدين جي ياد آئي، ته مان گهر موٽي آيس. در کڙڪايم، ته اندران امڙ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami