Share this link via
Personality Websites!
السَّلَام کي اتي ڏٺائين. ان حيرانيءَ مان عرض ڪيو: توهان اڃا تائين هتي آهيو؟ (افسوس!) مان وساري ويٺو هئس.
هاڻي هتي نبوي اخلاق ڏسو! پاڻ ڪاوڙ به نه ڪئي، ان شخص کي جهڻڪيو به نه، برو ڀلو به نه چيو پر نرمي سان فرمايو: جيستائين تون نه اچين ها، مان هتي ئي ويٺو هجان ها.[1]
سُبْحٰن الله! پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهن الله جا نبي حضرت اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلام...!! جن جي ياد ۾ اسين قربانيون ڪندا آهيون، هر سال هزارين جانور رب جي نالي تي ذبح ڪندا آهيون. تمام سٺي ڳالهه آهي، قرباني ڪرڻي آهي، ضرور ڪرڻي آهي، جن تي واجب آهي انهن کي ته ڪرڻي ئي ڪرڻي آهي نه ته گنهگار ٿيندا، پر ان سان گڏوگڏ جن جي ياد ۾ قرباني ڪريون ٿا، انهن جا اخلاق به اپنائڻا آهن. پاڻ عَلَيۡهِ السَّلام وعدي جا سچا هئا، جڏهن وعدو ڪري وٺندا هئا ته ان کي پورو ڪندا هئا. افسوس! اسان وٽ هاڻي حالتون ابتيون ٿي ويون آهن. وعدو نڀائڻ اسان جي دين ۾ شامل آهي پر ماڻهو وعدو ڪندا آهن پر نڀائيندا ناهن * وعدو ڪري ورتو ته فلاڻي وقت ملندس پر ملندا ناهن * جنهن جو قرض موٽائڻو آهي ان سان وعدو ڪري ورتو ته شام جو ڏيندس، فلاڻي وقت ڏيندس پر ناهن ڏيندا. مثاال طور جيڪڏهن انتظام نه ٿي سگهيو ته وڌيڪ مهلت به ناهن گهرندا پر منهن به ناهن ڏيکاريندا بلڪه هاڻي ته اڃا وڌيڪ اپ ٽو ڊيٽ معاملو ٿي ويو آهي، جنهن جو قرض موٽائڻو آهي ماڻهو ان کي ئي اکيون ڏيکاري رهيا هوندا آهن. الله پاڪ اسان جي حال تي رحم ڪري. وعدي خلافي جا ٻيا به مثال آهن، هاڻي عيدُ الاضحيٰ تي ئي ڏسو!
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami