Share this link via
Personality Websites!
(چاهي ان کي پورو ڪرڻ ۾ ڪيڏي به مشڪل هوندي هئي، پاڻ وعدو فرمائيندا هئا ته) ان کي ضرور پورو ڪندا هئا.[1]
ڪيترن ئي ڏينهن تائين انتظار ڪندا رهيا
حضرت سفيان ثوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري حضرت اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلام ۽ سندن هڪ دوست ڪنهن ڳوٺ جي ڀرسان گذري رهيا هئا، سندن دوست عرض ڪيو: سائين! يا ته توهان ڳوٺ ۾ تشريف کڻي هلو ۽ ڪجهه سودو وٺي اچو! يا وري توهان هتي ترسو، مان وڃان ٿو، توهان جي ضرورت جون شيون به مان ئي کڻي ايندس. فرمايائون: مان هتي ويهان ٿو، تون سودو وٺي اچ! هاڻي اهو شخص ڳوٺ ۾ ويو، سودو وغيره ورتائين، کيس هاڻي ياد ئي نه رهيو ته حضرت اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلام منهنجو انتظار فرمائي رهيا آهن، جيئن ته اهو ڪنهن ٻئي رستي کان نڪري ويو. ان واقعي کي ڪيترائي ڏينهن گذري ويا. هڪ ڏينهن اوچتو اهو شخص اتان گذريو ته ڏٺائين حضرت اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلام اڃا تائين اتي ئي تشريف فرما آهن! ان حيرانيءَ مان پڇيو: توهان اڃا تائين هتي آهيو؟ فرمايائون: تنهنجي انتظار جو وعدو ڪيو هو، جيستائين تون نه اچين ها، مان ڪيئن ٿي وڃي سگهيس...!!
اهڙي طرح هڪ ٻئي واقعي ۾ به پاڻ هڪ شخص سان وعدو ڪيو ته مان فلاڻي جاءِ تي توکي ملندس. پاڻ وقت تي پهتا پر هو شخص وساري ويٺو. انتظار ڪندي شام ٿي وئي، پوءِ شام کان پوءِ رات ۽ پوءِ ٻيو ڏينهن ٿي ويو. هاڻي پوري رات گذرڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن جڏهن هن کي ياد آيو ۽ پاڻ عَلَیْہِ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami