Share this link via
Personality Websites!
اولياءُ الله جو ذڪر به ذڪرُ الله آهي ۽ * صحابه و اهلِ بيت رَضِیَ اللہُ عَنۡهم جو ذڪر به ذڪرُ الله ۾ شامل آهي.[1] الله پاڪ اسان کي ان ذڪر جي ڪثرت ڪندو رهڻ جي توفيق عطا فرمائي.
خُدا کا ذِکْر کرے، ذِکْرِ مصطفےٰ نہ کرے
ہمارے مُنہ میں ہو ایسی زباں خُدا نہ کرے
خير! الله پاڪ فرمايو: ڪتاب ۾ اسماعيل کي ياد ڪر! ان کان اڳيان ارشاد ٿيو:
اِنَّهٗ كَانَ صَادِقَ الْوَعْدِ
ترجمو ڪنزُ العرفان: بيشڪ هو وعدي جو سچو هو. (سيپارو: 16، مريم: 54)
هي حضرت اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلام جي پياري وصف آهي جو پاڻ وعدي جا سچا هئا. يقيناً سڀئي نبي سڳورا عَلَیْہمُ السَّلَام وعدي جا سچا آهن پر حضرت اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلام وعدو نڀائڻ ۾ هڪ ممتاز مقام رکن ٿا، تنهنڪري سندن هن خاص وصف جو ذڪر ڪري رب رحمٰن فرمايو:
اِنَّهٗ كَانَ صَادِقَ الْوَعْدِ
ترجمو ڪنزُ العرفان: بيشڪ هو وعدي جو سچو هو. (سيپارو: 16، مريم: 54)
وڌيڪ ارشاد ٿيو:
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami