Share this link via
Personality Websites!
(درست شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ لڌي ويندڙ غلط فهمي جي نشاندهي)
مسئلو: فرض پورا ڪرڻ کانسواءِ نفل قبول نه ٿيندا آهن.
وضاحت: ائين مشاهدي ۾ آيو آهي ته ماڻهن ۾ نفلي نمازن جو شوق وڌيڪ هوندو آهي، هيءَ سٺي ڳالهه آهي: پر تهجد، اشراق ۽ چاشت به پڙهن ۽ ان سان گڏوگڏ پنهنجون قضا نمازون پڻ ادا ڪن. الله پاڪ اسان سڀني کي نيڪي جي رغبت نصيب فرمائي. پر! هڪ مسئلو ذهن نشين ڪري وٺو! اهو هي ته فرائض پورا ڪرڻ کان سواءِ نفل قبول ناهن ٿيندا.[1] ان ڪري گهرجي ته * جنهن جي ذمي قضا نمازون هجن، اهو جلد کان جلد اهي نمازون پوريون ڪري* جنهن جي ذمي قضا روزا هجن، اهو روزا پورا ڪري * جنهن جي ذمي گذريل سالن جي زڪوات رهيل هجي، اهو نفلي صدقي جي بدران (سڀ کان پهريان) زڪوات جي ادائيگي ڪري. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جو وڌيڪ ثواب ملندو. الله پاڪ اسان کي درست اسلامي احڪام سکڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami