Share this link via
Personality Websites!
وقت وڏي آواز سان سلام ڪرڻ جي عادت بڻايو! * والدين جي عزت ڪريو! * سندن احترام ۾ (تعظيماً) بيهي رهندا ڪريو! * والدين جا هٿ ۽ پير چمندا ڪريو! * هر هڪ کي توهان چئي مخاطب ڪندا ڪريو! * گهر ۾ سختي ڪرڻ کان بچو! * گهر جي سڀني ڀاتين سان نرم لهجو اختيار ڪريو! * گهر جا سڀ ڀاتي نيڪ ۽ نمازي بڻجي وڃن، ان لاءِ دعائون گهرندا رهو! * عملي طور تي وقت بوقت نرميءَ سان کين نيڪي جي دعوت پڻ ڏيندا رهو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! گهر ۾ ديني ماحول قائم ٿي ويندو.
میرے گھر والے سب پابندِ سُنّت بنیں ایسا کرم ہو جانِ رحمت
خلاصو هي آهي ته حضرت اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلام جن جي ياد ۾ اسان قرباني ڪندا آهيون، انهن جون اعليٰ وصفون هي آهن: (1): وعدي جا سچا هئا، (2): گهر وارن کي نماز ۽ زڪوات جو حڪم ڏيندا هئا. اسان کي به گهرجي ته جيئن انهن جي ياد ۾ قربانيون ڪندا آهيون، ائين ئي انهن جا اخلاق به اپنايون. وعدي جي پابندي به ڪندا ڪريون ۽ پنهنجي گهر وارن کي، ٻارن کي، ٻارن جي ماءُ کي، ڀينرن ڀائرن وغيره کي نماز، روزي وغيره نيڪ ڪمن جي ترغيب به ڏياريندا رهون. الله پاڪ اسان سڀني کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
بيان کي اختتام جي طرف آڻيندي هڪ شرعي مسئلو عرض ڪريان ٿو:
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami