Share this link via
Personality Websites!
الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي. پيارا اسلامي ڀائرو! پاڻ کي ۽ پنهنجي گهر وارن کي نيڪ رستي تي جو مسافر بڻائي ڪري، انهن کي نيڪي جي دعوت ڏئي ڪري دوزخ کان بچائڻ جو سامان ڪرڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي. الله پاڪ قرآن ۾ فرمائي ٿو:
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا قُوْۤا اَنْفُسَكُمْ وَ اَهْلِیْكُمْ نَارًا
ترجمو ڪنزُ العرفان: اي ايمان وارؤ! پنهنجي جانين ۽ گهر وارن
کي ان باھ کان بچايو. (سيپارو: 28، التحريم: 6)
هن آيت مان معلوم ٿيو ته جتي مسلمان تي پنهنجي اصلاح ڪرڻ ضروري آهي اتي ئي گهر وارن (اهلِ خانه) جي اسلامي تعليم ۽ تربيت ڪرڻ به ان تي لازم آهي. تنهنڪري هر مسلمان کي گهرجي ته هو پنهنجي گهر واري، ٻارن ٻچن ۽ گهر جي انهن مڙني ماڻهن کي جيڪي سندس ماتحت آهن، انهن سڀني کي اسلامي احڪامن جي تعليم ڏئي يا ڏياري، ۽ اهڙي طرح اسلامي تعليمات جي ڇانوَ ۾ سندن تربيت ڪري، ته جيئن اهي به جهنم جي باهه کان محفوظ رهن.
حضرت عبدالله بن عمر رَضِیَ اللهُ عَنْہُمَا کان روايت آهي، تاجدارِ رسالت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: توهان مان هر هڪ نگران آهي ۽ هر هڪ کان سندس ماتحتن بابت سوال ڪيو ويندو. جيئن ته حاڪِم نگران آهي، ان کان ان جي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami