Share this link via
Personality Websites!
به معلوم ناهن هوندا. * پاڪي ناپاڪي جي معلومات نوجوانن کي تمام گهٽ آهي * ايمان وڪامجي رهيا آهن ۽ ڪهڙيون ڪهڙيون برايون معاشري ۾ جنم وٺي رهيون آهن، اوهان به واقف آهيو، ٿورو غور فرمايو! هن سڀني کي روڪڻ جو اصل مرڪز ڪهڙو آهي؟ اسان جو گهر، جيڪڏهن * هر ماءُ * هر پيءُ * هر ڏاڏو * هر چاچو * هر مڙس * هر وڏو ڀاءُ پنهنجي پنهنجي گهر ۾ پنهنجي ٻارن، پنهنجي ڀائٽن، پنهنجي ڀاڻجن ڀاڻيجين، پنهنجي گهر وارن ۽ ڀائرن ڀينرن جي اصلاح شروع ڪري ڏي ته توهان ئي ٻڌايو! معاشري مان هي بي حيائي، بُرائي وغيره ڪٿان ايندي. اصل مسئلو ئي هتان شروع ٿيندو آهي * پهريان ته گهر جا وڏا پاڻ ديندار ناهن * پاڻ نمازون ناهن پڙهندا * ٻارن کي ترغيب ناهن ڏيندا* پاڻ کي قرآن صحيح پڙهڻ ناهي ايندو * ٻارن کي به ناهن پڙهائيندا * شادي کي سال گذري ويا پر پاڪي ناپاڪي جي مسئلن جي خبر ناهي، * گهر وارن کي به ناهن سيکاريندا، * پاڻ کي عقيدن جو علم ناهي، ٻارن کي به ناهن سيکاريندا.
وري ڪيئي ماڻهو اهڙا آهن، * جيڪي پاڻ ته ديندار آهن * پاڻ نمازون به پڙهندا آهن * روزا به رکندا آهن * نيڪ ڪم به ڪندا آهن * ۽ ديني معلومات به رکندا آهن، پر پنهنجي گهر وارن کي ان پاسي ناهن لڳائيندا. هن وقت اسان جيترا به مسجد ۾ حاضر آهيون، هر ڪو پنهنجي باري ۾ غور ڪري ته ڪيترا اهڙا آهن جن جي گهر ۾ ٻيا ڀاتي به آهن: پٽَ آهن، ڀائرَ آهن، ڀائٽيا آهن، اسان ته مسجد ۾ اچي وياسين، پر اسان جي ڀاءُ، ڀائٽي يا پٽ نماز پڙهي يا نه، ان تي توجهه نٿا ڏيون. يقين مڃيو! اسان جي پاڪستان ۾ هن وقت جيترا پڪا نمازي آهن، جيڪي پنجئي وقت مسجد ۾ باقاعدگيءَ سان نماز ادا ڪن ٿا، جيڪڏهن صرف اهي پڪا نمازي پنهنجي گهر جي سمورن
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami