Share this link via
Personality Websites!
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلام جي ٻئين وصف بيان ٿي:
وَ كَانَ یَاْمُرُ اَهْلَهٗ بِالصَّلٰوةِ وَ الزَّكٰوةِ۪-
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ هو پنهنجي گهر وارن کي نماز ۽ زڪوات جو حڪم ڏيندو هو. (سيپارو: 16، مريم: 55)
سبحان الله! هي به هڪ پياري وصف آهي، الله جا نبي حضرت اسماعيل عَلَیْہِ السَّلَام پاڻ ته بلند مرتبي وارا هئا ئي پر پاڻ پنهنجي قوم کي به نيڪي جي دعوت ڏيندا هئا ۽ ان سان گڏوگڏ پنهنجي گهر وارن کي به نيڪي جو حڪم ڏيندا هئا.
گهر وارن کي نه سمجهائڻ جا نقصانات
پيارا اسلامي ڀائرو! هي تمام اهم ذميواري آهي، اسان کي پنهنجي گهر وارن جي اصلاح طرف به توجهه ڏيڻ گهرجي، افسوس! * اڄڪلهه معاشرو زوال جي طرف وڃي رهيو آهي * معاشري ۾ نوجوان بي راهه ٿي رهيا آهن * آوارا گردي وڌي رهي آهي * بي حيائي ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي * اڄ ڪلهه جا نوجوان گهٽين ۽ رستن تي گوڙ ڪندا ڦرندا آهن * وڏن جو احترام گهٽ ٿي رهيو آهي * مسجدن جي رغبت گهٽ ٿي رهي آهي * علمِ دين کان دوري ٿي رهي آهي * مسلمان مقصدِ زندگي وساري رڳو کائو پيئو جان بڻايو تي لڳي ويا آهن * اسلام جا بنيادي عقيدا به معلوم ناهن * مسلمان جي لاءِ جيڪي ضروري ۽ بنيادي مسئله آهن، اهي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami