Share this link via
Personality Websites!
جڏهن ڪو شخص پنهنجي ڀاءُ سان وعدو ڪري ۽ نيت پوري ڪرڻ جي هجي پوءِ پورو نه ڪري سگهي، وعدي تي نه اچي سگهي، ته ان تي گناهه ناهي.[1]
يعني وعدي خلافي جو تعلق نيت سان آهي. مثال طور ڪنهن سان وعدو ڪيو ته فلاڻي وقت ملندس، دل ۾ نيت به آهي ته ملندس، هاڻي ڪنهن سبب ڪري نه ملي سگهيو ته اها وعدي خلافي ناهي. بلڪه ڪڏهن ڪڏهن جيڪي ماڻهو ٽارڻ جي لاءِ چوندا آهن ته: ها فلاڻي وقت ملندس پر دل ۾ نيت ملڻ جي ناهي هوندي، اها وعدي خلافي آهي.
وعدي جي پابندي جو بي مثال نمونو
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان وٽ ته ماڻهو معمولي ڳالهين تي ڪوڙا وعدا ڪندا آهن، الله پاڪ جي نبي حضرت اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلام جي پاڪ سيرت ڏسو! مشهور معروف واقعو آهي، ته سندن والد محترم حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلام فرمايو: پٽ! مون کي خواب ڏيکاريو ويو آهي ته توکي (رب جي رضا لاءِ) ذبح ڪري رهيو آهيان. پاڻ وعدو ڪندي عرض ڪيو:
قَالَ یٰۤاَبَتِ افْعَلْ مَا تُؤْمَرُ٘-سَتَجِدُنِیْۤ اِنْ شَآءَ اللّٰهُ مِنَ الصّٰبِرِیْنَ(۱۰۲)
ترجمو ڪنزُ العرفان: اي پنهنجا پيءُ! تون اهو ڪر جنهن جو توکي حڪم ڏنو پيو وڃي اِنْ شَآءَ اللہ عنقريب تون مون کي صبر ڪرڻ وارن مان لهندين.
(سيپارو: 23، الصفت: 102)
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami