Share this link via
Personality Websites!
۽ تحمل سان، سمجھائي ڪري گڏجي ھلڻ ۽ ھلائڻ جي ڪوشش ۾ لڳو رھڻ گھرجي. الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
فَاِنْ كَرِهْتُمُوْهُنَّ فَعَسٰۤى اَنْ تَكْرَهُوْا شَیْــٴًـا وَّ یَجْعَلَ اللّٰهُ فِیْهِ خَیْرًا كَثِیْرًا(۱۹) (سيپارو: 4، سورة نساء: 19)
ترجموڪنزالعرفان: پوءِ جيڪڏهن توهان کي اهي پسند نه هجن ته ٿي سگھي ٿو ته ڪا شيءِ توهان کي پسند نه هجي ۽ الله ان ۾ وڌيڪ ڀلائي رکي ڇڏي۔
ھن آيتِ ڪريمه ۾ زال جي حوالي سان فرمايو ويو آھي ته جيڪڏهن بدخُلقي يا خوبصورت نه هجڻ جي ڪري توھان کي پنهنجي زال پسند نه ھجي ته صبر ڪريو ۽ زال کي طلاق ڏيڻ ۾ جلدي نه ڪريو ڇوته ممڪن آھي ته الله پاڪ اُن ئي زال مان توھان کي اهڙي اولاد ڏئي جيڪا نيڪ ۽ فرمانبردار ھجي ۽ پوڙهائپ جي بيوَسِيءَ ۾ توھان جو سھارو بڻجي وڃي.[1]
گهَر ۾ بهتر ماحول بڻائڻ جو طريقو
ڏسو! اسان کي ڪيڏي نه پياري نصيحت ڪئي وئي آھي ته طلاق ڏيڻ ۾ جلدي نه ڪريو! ٿي سگھي ٿو ته اُن ئي عورت جي ذريعي توھان کي تمام گهڻيون ڀلايون ملي وڃن. الله پاڪ اسان کي ھِن قرآني نصيحت تي عمل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.
جيڪڏهن خدا نه ڪري گھر جو ماحول سٺو نه ھجي، گھر ۾ لڙائي جھگڙا وغيره ھلي رھيا ھجن ته انهن مسئلن کي حل ڪرڻ جو ھڪ بھترين نسخو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami