Share this link via
Personality Websites!
جي پيشاني مبارڪ ۾ به اُھو پاڪ نورُ چمڪي رھيو ھو. سندن پھرين زوجه جيئن ته ناشڪري طبيعت رکڻ واري ھئي، تنهنڪري اُھا پياري آقا و مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي ڏاڏِي جان بڻجڻ جي لائق نه ھئي، ان ڪري حضرت ابراہيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم ان کي طلاق ڏئي ڪنھن اعليٰ ترين طبيعت واري، نھايت ئي نيڪ طبيعت عورت سان کين نڪاح ڪرڻ جو حڪم فرمايو.
يعني ھيءَ جيڪا طلاق ڏياري وئي، اِھا اِن ڪري نه ھئي ته ناشڪري زال کي طلاق ڏئي ڇڏڻ گھرجي، پر اِھا پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي پاڪ نُورَ جي تعظيم جي لاءِ ھئي.
تنهنڪري ائين ھرگز نه ٿيڻ گھرجي ته جيڪڏهن ڪنھن جي زال ناشڪري طبيعت واري ھجي ته ھو کيس طلاق ڏئي ڇڏي. اسان کي گھرجي ته گھر ۾ نيڪي جي دعوت ڏيندا رھون، پيار محبت سان سمجھائيندا رھون، طلاق مسئلي جو حل نه هوندي آھي پر ھڪ طلاق جا برا اثرات ڪيترن ئي نسلن تائين وڃي پھچندا آهن ۽ رشتن ۾ ڏارَ وِجهي ڇڏيندا آهن. ان ڪري ئي حديث پاڪ ۾ فرمايو ويو: اَبْغَضُ الْحَلَالِ اِلَى اللَّهِ الطَّلَاقُ يعني الله پاڪ وٽِ حلال شين ۾ سڀ کان وڌيڪ ناپسنديده شيءِ طلاق آھي.[1]
اگر ڪنھن کي گھر ۾ دشواري ھجي به، مثلاً زوجه تمام گهڻو تنگ ڪري رهي آهي، تمام گهڻيون فرمائشون Demands) )ڪري رهي آهي، ھر وقت شڪوه ۽ شڪايتون ئي ڪندي رھندي آهي ته ان کان گھٻرائڻ نه گھرجي، صبر
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami