Share this link via
Personality Websites!
طبيعت ۽ شڪر گذار زوجه محترمه کي پياري محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي ڏاڏِي جان بڻجڻ جو شرف نصيب ٿيو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
ڇا ناشُڪري زال کي طلاق ڏئي ڇڏڻ گهرجي ...؟
پيارا اسلامي ڀائرو! بخاري شريف ۾ بيان ٿيڻ واري ھن واقعي ۾ اسان جي سکڻ لاءِ ڪافي ڳالھيون آھن پر پھريان ھڪ ضروري وضاحت (Explanation) ٻڌو! حضرت اسماعيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي پھرين زال ناشڪري (Ingratitude) ڪئي ته حضرت ابراہيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم ان کي طلاق ڏيڻ جو حڪم ڏنو. ڇا ھن مان اسان اِهو سکي سگھون ٿا ته ناشڪري جي ڪري زال کي طلاق ڏئي ڇڏجي ...؟ توجہه سان ٻڌو! ھن واقعي مان اِھو سبق ھرگز نه ٿو ملي ته ناشڪري عورت کي طلاق ڏيئي ڇڏڻ لازم آهي بلڪ ھِن طلاق جي حڪمت سمجھو! اصل ۾ حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي پيشاني مبارڪ ۾ پياري آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جو پاڪ نورُ رکيو ويو ھو. الله پاڪ کانئن ھي واعدو ورتو ھو ته ھِن نور جي خاص حفاظت ۽ عزت ۽ تڪريم لاءِ پنھنجي وقت جي اعليٰ ترين ۽ نيڪ کان نيڪ ترين عورت جي ئي طرف منتقل (Transfer) ڪيو ويندو.[1]
اِھو ئي واعدو حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم پنھنجي پٽ حضرت شيث عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کان ورتو، پوءِ حضرت شيث عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم پنھنجي پٽ کان، اهڙي نموني ھلندي ھلندي نسل در نسل اِھو واعدو ورتو ويندو رھيو.[2] حضرت اسماعيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami